جيلاني پير عالي شاھہ: پير عالي شاھہ، بدين ۽ لاڙ پٽ جي هڪ سماجي ۽ سياسي شخصيت هو. هن 12 اپريل 1916ع تي بدين ۾ جنم ورتو. سندس والد پير ڀاون علي شاھہ ساقي، ’شاھہ قادري درگاھہ، بدين‘ جو سجادہ نشين هو. هن بزرگ جا وڏا اصل ڀڄ (ڪڇ) جا رهندڙ هئا. راءُ (راجا) ۽ ڪڇ جي ٻين ماڻهن جي هن درگاھہ سان گهڻي عقيدت رهي آهي. پير عالي شاھہ جو والد گذاري ويو تہ ان وقت پير صاحب جي عمر ٻہ سال هئي. هن گادي ۽ ملڪيت جي سنڀال مريدن ۽ معززن جي هڪ بورڊ ڪئي. جڏهن پير عالي شاھہ گادي سنڀالڻ جي لائق ٿيو تہ کيس گادي نشيني حوالي ڪئي وئي. پير عالي شاھہ 1931ع ۾ دوستن (ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجي) ۽ مريدن سان گڏ گڏيل هندستان جي ڪيترن شهرن (دهلي، ڪلڪتي ۽ اجمير شريف وغيرہ) ويو. 1935ع کان مقامي سياست ۾ حصو ورتائين. 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. پير صاحب خانگي طور سنڌي، اردو ۽ انگريزي پڙهيو. 1946ع ۾ مسلم ليگ ۾ بہ شامل ٿيو.
کيس ڪتابن جي مطالعي جو شوق هوندو هو، سندس لائبريريءَ ۾ ادب، تاريخ ۽ مذهب بابت وڏي تعداد ۾ ڪتاب موجود هئا. پنھنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجي ماضيءَ جا چند ورق“ لکيائين، جيڪا 1975ع ۾ شايع ٿي. پير صاحب پهرين ڊسمبر 1973ع تي وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان شاھہ قادري تعلقي بدين ۾ مدفون ڪيو ويو.