
جيل جا ڏينهن، جيل جون راتيون
جيل جا ڏينهن، جيل جون راتيون (ڪتاب): نامور قومي اڳواڻ شھيد فاضل راهوءَ جي فرزند ۽ سياستدان، محمد اسماعيل راهوءَ جو هي ڪتاب، سندس سياسي سفر دوران جيل جي ڪهاڻي آهي. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ لکيل هيءَ ’جيل ڊائري‘، 18 جون 2001ع کان 31 ڊسمبر 2001ع دوران لکي وئي هئي. اسماعيل راهو، جيل ۾ عام ۽ مسڪين قيدين کي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو، ۽ انهن قيدين جي جيڪا تصوير چِٽي آهي، اُها انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. اسماعيل راهوءَ هن ڪتاب ۾ جيل جي خاص لفظيات (خاص لفظ ۽ اصطلاح) بہ ڏني آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي نجي لفظيات (Vocabulary) آهي، جھڙوڪ: ماڙي، هنڊيوال، واڍخانو، ڪوٽ موڪو، ملاقات وغيرہ.
هن ڊائريءَ ۾ ليکڪ پنھنجي والد شھيد فاضل راهوءَ بابت پنهنجون يادگيريون لکي اهم معلومات بہ فراهم ڪئي آهي. جھڙوڪ: فاضل راهوءَ جو ايم. آر. ڊي (1983ع واري تحريڪ) ۾ ادا ڪيل ڪردار، گرفتاري، ضياء الحق جي دور جي سينسرشپ، صحافين جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ ۾ شھيد جو ڪردار، ضيائي دور جي گهُٽ ٻوساٽ ۾ راهوڪيءَ وارو عظيم الشان جلسو، راهوڪيءَ تي فوج جي چڙهائي ۽ فاضل جي گهر تي ڇاپو، تلاشي وغيرہ. محمد اسماعيل راهوءَ، هن ڪتاب ۾ پنھنجي ڀاءُ صديق راهوءَ جي انقلابي سياست، 28 سالن جي ڄمار ۾ دکدائڪ وفات جو تذڪرو بہ ڏنو آهي، ان سان گڏ هن پاڪستان جي سياسي تاريخ، جنرل ايوب، يحيٰ، ضياءَ ۽ پرويز مشرف جي آمرانه حڪومتن، امريڪا ۾ ٿيل نائين اليون جي واقعي، افغانستان جي حالتن، دهشتگردي، ڪشمير معاملي ۽ پاڪ هند لاڳاپن بابت بہ سياسي تجزيا ۽ رايا ڏنا آهن. هن پاڻ سان گڏ جيل ۾ بند قومي ڪارڪنن جي جذبي سان گڏ ڪن جي ڏوهي (Criminal) بنجڻ جو تجزيو بہ ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڪهاڻيڪار شوڪت شوري لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 360 صفحن تي مشتمل، چؤرنگي ٽائيٽل سان هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊميءَ 2008ع ۾ ڇپايو آهي ۽ اُن جي قيمت 200 روپيا آهي.