جيڪي ڀاڳناڻي

جيڪي ڀاڳناڻي

جيڪي ڀاڳناڻي

جيڪي ڀاڳناڻي: بالي ووڊ جو مشھور سنڌي پروڊيوسر ۽ اداڪار جيڪي ڀاڳناڻي، 25 ڊسمبر 1984ع ۾ ڪلڪتي، هندستان ۾ پيدا ٿيو. هن ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. ڪجهہ وقت اسسٽنٽ پروڊيوسر طور پنھنجي پيءُ سان گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ هن باقاعدي 2009ع ۾ فلم ’ڪل ڪس ني ديکا هئي‘ ۾ اداڪار طور ڪم ڪيو، جنهن کي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ کيس آئيفا اوارڊ مليو. 2011ع ۾ هن فلم فالتوءَ ۾ ڪم ڪيو، پر کيس صحيح معنيٰ ۾ شھرت ’عجب غضب لوَ‘ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان ملي. سندس ايندڙ فلمون آهن: ’رنگريز‘ ۽ ’ممبئي پوليس‘. جيڪي ڀاڳناڻيءَ جو پيءُ وشو ڀاڳناڻي پڻ ڄاتل سڃاتل فلم پروڊيوسر آهي، جنهن جون پيش ڪيل مشھور فلمون آهن: ڪولي نمبر-1 (1995ع)، مجهي ڪڇ ڪهنا هئي (2001ع)، رهنا هئي تيري دل ۾ (2002ع)، اوم جئہ جگديش (2002ع)، شادي نمبر-1 (2005ع)، سلسلي (2005ع)، ڪل ڪس ني ديکا (2009ع) ۽ فالتو (2011ع) وغيرہ. هن ئي پنھنجي پٽ کي فلمن ۾ متعارف ڪرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.12.25  عيسوي

بالي ووڊ جو مشهور سنڌي پروڊيوسر ۽ اداڪار جيڪي ڀاڳناڻي، 25 ڊسمبر 1984ع ۾ ڪلڪتي، هندستان ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شجاع ٺٽوي
ملڪ محسن علي خاصخيلي
چوڌري خليق الزمان
بھار علي بھار
ڄام ڪارائڙو
علـي گوهـر قاضي
بگو جروار استاد
رضوي سيد غلام شبير شاھہ
الھبچايو راھوڪڙو
زرينه حسين ناريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون