جُهلَ پاتل اُٺ
جُهلَ: اُٺ جي پُٺيءَ تي پاکڙي يا غاشيي وجهڻ مهل جهُل ٻڌبي آهي، جيڪا ڪپڙي جي ٺهيل هوندي آهي ۽ هيٺ تائين لڙڪندي رهندي آهي، ان جي ڪنارن تي ٽونئر وغيره هنيا ويندا آهن. سِتارون ۽ مڻيا به هڻندا آهن. ٿر ۽ راجسٿان جا ماڻهو، ڍڳن ۽ اٺن جا شوقين، ڍڳن يا اُٺن کي سينگار طور جهل ٻڌندا آهن.