جپاني هائيڪو (Haiko ):’هائيڪو‘ يا ’هوڪو‘ هڪ مختصر نظم (Miniature Poem) آهي، شاعريءَ جي هيءَ صنف جپاني لمبي نظم ٽنڪا (Tenka) مان نڪتي آهي. هائيڪو معنيٰ شروعات، ان ڪري هن مختصر نظم جو نالو ئي شروعات (Haiko) پئجي ويو. ان جو گهاڙيٽو پنج ست پنج ماترائون آهي، جيئن غزل مان قطعو ۽ فرد الڳ صنف ٿي پيا، تيئن رينگا مان هائيڪو. ڌار صنف بنيو آهي، هائيڪي جي شروعات چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. روايتي طور هن صنف جا بنياد وجهندڙ مارتيڪ ۽ سوڪن هئا. هنن جي شعر ۾ اڪثر طنز هوندي هئي. ان کان پوءِ ٽيٽوڪو هن صنف کي رينگا ڏي موٽائڻ چاهيو ۽ فني باريڪين جا ڏاڍا ڏکيا قانون گهڙيا. ڊئنزن اسڪول، (جنهن جو پايو سوئن (821-1605ع) وڌو). اهڙن لاڙن جي خلاف ڪم ڪيو. آخر باشو هن صنف کي سوڌي، سنواري جرڪائي ڇڏيو ۽ هائيڪو کي آخري شڪل ڏني. هن ننڍڙي ۽ مڪمل نظم جون ڪجهه فني ضرورتون به آهن، جهڙوڪ: (1) هائيڪو ستن ۽ پنجن ماترائن تي مشتمل هوندو آهي، سنڌيءَ ۾ لکيل هائيڪو جي پهرين ۽ آخري سٽ جو قافيو آهي. (2) هائيڪو لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ فطرت جو ذڪر هجڻ ضروري آهي. (3)ڪنهن خاص واقعي ڏانهن اشارو هجي، (4) ان واقعي جي ڪنهن مسلسل عمل کي (ٿي رهيو هجڻ جي حالت ۾) قلمبند ڪيو وڃي، يعني هلندڙ جو صيغو استعمال ڪيل هجي.
آءُ درازا هل!
تنهنجا سارا مولوي،
منهنجو هڪ سچل .