جڳديش لڇاڻي

جڳديش لڇاڻي: جڳديش وڀراج لڇاڻي، 4 ڊسمبر 1939ع تي پير جي ڳوٺ، سنڌ ۾ ڄائو . 1947ع واري ورهاڱي سبب هيءُ هندستان هليو ويو. هن ايم.اي هندي، ايم اي سنڌي ۽ ايم فل ڪئي آهي . ڊي ٽي ڪالائي ڪاليج آف آرٽس، سائنس اينڊ ڪامرس الهاس ننگر جو 39 سال پرنسپال رهيو آهي. پاڻ سٺو نقاد، ٻاراڻي ادب جو وڏو ليکڪ ۽ ٽيلي اسڪرپٽ جو بھترين ليکڪ آهي، جنهن ۾ هن جو ساٿي منوهر بيدي رهيو آهي. هن اسڪول ۽ ڪاليج دوران ڪيترن ئي ناٽڪن جي ڊائريڪشن ڏني آهي. سنڌي کان سواءِ هي هندي ۽ انگريزيءَ جو بہ سٺو ليکڪ آهي. هن جي ادبي تصنيفن ۾: (1) خاموش زندگي ( 1957ع)، (2) ادبي شناس (1958ع) (3) سِڌا ردل جي ڪشمڪش جو چتر (1959ع)، (4) هڪ تصوير ٻہ پاسا (ڪهاڻيون 1962ع)، (5) سنڌي ادب جي روپ ريکا (1966ع)، (6) اصول ۽ آلوچنا (1973ع)، (7) نئون ساهت (1977ع)، (8) ساهت سروپ (1982ع)، (9) اپبياس ۽ سنڌي اپبياس (1982ع)، (10) شاھہ ۽ صوفي مت (1984ع)، (11) ساهت جي پرک (1987ع)، (12) سنڌي ڪهاڻي جي اوسر، ۽ (13) ادبي تصويرون (ريڊيو ناٽڪ ۽ ادبي خاڪا: 1959ع) وغيرہ مشھور آهن.
ان کان سواءِ هن منوهر بيديءَ سان گڏ ڪيترا ئي ٽيلي اسڪرپٽ بہ لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن. جن مان: (1) جوڳي جادو لائي ويا (رام پنجواڻي جي زندگي تي ٽيلي اسڪرپٽ 1987ع)، (2) پوڦٽي- پوپٽي (پوپٽي هيراننداڻيءَ جي جيون، رچنائن ۽ خيالن جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ 1988ع)، (3) کريو نہ تنهن جو کير (سنت ڪنور رام، جهولي لال ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي حياتي تي ٽيلي اسڪرپٽ 1990ع)، (4) جل ۽ جوتين وارو (جهولي لال جو جيون چرتر 1992ع)، (5) نيڻين ننڊ حرام (شاھہ لطيف جي حياتي، ڪلام ۽ تخليقي تصور جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ 1993ع)، (6) هي ڪوئي کسي نہ سگهندو (ريڊيو فلم ناٽڪ 1995ع)، (7) ڏات ۽ ڏانءُ (ايم ڪمل جي شخصيت ۽ ادبي ڪم جو جائزو 1997ع )، (8) ڏور بہ اوڏا سپرين (شاھہ لطيف، شيخ اياز ۽ تاجل بيوس تي وڊيو فلم اسڪرپٽ 2002ع) وغيرہ مشھور آهن. ان کان سواءِ هن ٻارن جي ادب تي بہ گهڻو ڪم ڪيو آهي، جنهن جو ڪجهہ وچور هيٺ ڏجي ٿو:
(1) جهرڪي لڌو ٽڪو (1979ع)، (2) روپ نگر جي راجڪماري (1982ع)، (3) گلـن ڦـلــن جـي راڻــي (1982ع)، (4) ڪُـنـي آنـدي ڪــنـوار (1989ع)، (5) هڪڙو هو ڏاهري (1989ع)، (6) گنگا گيان (1990ع)، (7) ملي ڪبو مقابلو (1991ع)، (8) لال هيري جي ڳولا (1992ع)، (9) وگيان جون آکاڻيون (1994ع) وغيرہ. کيس مڃتا طور ڪيترا ئي اوارڊ ۽ انعام ڏنا ويا، جن ۾: (1) ساهت جي پوک تي ايوارڊ، مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيہ اڪيڊميءَ پاران 1988ع، (2) ’جوڳي جادو لائي ويا‘ ٽيلي اسڪرپٽ تي اوارڊ، سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، ڀارت سرڪار پاران دهليءَ 1989ع ۾، (3) ’ساهت جي پوک‘ ڪتاب تي اوارڊ، نيشنل ڪائونسل فار پروموشن فار سنڌي لئنگئيج پاران 2000ع ۾ قابل ذڪر آهن.


لفظ جڳديش لڇاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.12.04  عيسوي

جڳديش وڀراج لڇاڻي ، 4 ڊسمبر 1939ع تي پير جي ڳوٺ ، سنڌ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
پيرراڻو ڀنڀرو
ايس پي گپتا
ساهو مل موتي رام نگاڻي
تراب لاڙڪاڻوي
سيٺ طيب علي علوي
اختر مرزا
اخلاق انصاري
شرمين عبيد چناءِ
رسول بخش پليجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون