جهانگير خان

جهانگير خان

جھانگير خان

جھانگير خان: جھانگير خان اسڪوائش جو عالمي چمپيئن، 10 ڊسمبر 1963ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جي خاندان مان پهريان هاشم خان سڀ کان اول اسڪوائش راند جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. ان بعد روشن خان، قمر زمان، طورسم خان ۽ جھانگير خان هن راند کي پيشو بڻايو. جھانگير خان پهرين ڪاميابي سيپٽمبر 1979ع ۾ سورنهن سالن جي عمر ۾ عالمي شوقيه چئمپين شپ کٽي حاصل ڪئي. هن پنھنجي اسڪوائش ڪيريئر ۾ ڇھہ دفعا عالمي چئمپين شپ کٽي. هن ڏهن سالن تائين برٽش اوپن چئمپين شپ جهڙو عظيم انٽرنيشنل اعزاز لڳاتار کٽي هڪ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. صرف 1985ع ۾ نيوزيلينڊ جي اڳوڻي عالمي چئمپين راس نارمن کان ۽ 1994ع ۾ سترهين عالمي اوپن اسڪوائش چئمپين شپ (ڪراچيءَ) جي فائنل ۾ پاڪستان جي جان شير خان جي هٿان شڪست مليس. ساڳئي سال 30 سالن جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿي ويو . هو نہ رڳو سافٽ بال اسڪوائش جو چئمپين رهيو، بلڪ هو آمريڪا ۾ کيڏندڙ اسڪوائش جو مقبول قسم هارڊ بال جو عالمي چئمپين بہ رهيو. صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگيءَ سان بہ نوازيو ويو. هن جي شاندار ڪارڪردگيءَ کان متاثر ٿي، ڪينيڊا جي هڪ اداري جھانگير جي لاءِ ’دي ڪانڪرر‘ (فاتح) جي نالي سان هڪ فلم پڻ ٺاهي آهي.


لفظ جھانگير خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو