حافظ حيات شاهه

حـافـظ حـيات شاهه: انگريزن جي دور جو شاعر حافظ حيات شاهه 1875ع ڌاري ڄائو. هن جو تعلق ضلعي جهنگ (پنجاب) جي هڪ ڳوٺ سان هو. سندس والد جو نالو سيد مير عالم شاهه هو. پنهنجي ماسات سلطان بيگم سان مڱڻو ٿيل هئس، پر ان جي شادي ٻئي هنڌ ٿي وئي. انهيءَ ڏک ۾ جلندو پچندو رهيو ۽ اکين جي روشني ضايع ٿي ويس. حيدرآباد، سنڌ ۾ اچي مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي درد ڀرئي داستان کي منظوم لکيائين، جيڪو ’سلطان بيگم‘ ’داستان غم‘، ’وڇڙيلن جو ميلو‘ ۽ ’ديوان حافظ‘ نالي ڪتابن ۾ موجود آهي. سندس شاعري گهڻي قدر غزلن تي مشتمل آهي، ان کان سواءِ نظم به لکيائين. سندس ديوان به ڇپيل آهي. حافظ حيات شاهه 26 ڊسمبر 1955ع ۾ وفات ڪئي. سندس غزل جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
بنائي قيس کي چريو رلايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!
جبل فرهاد کي زوري ٽڪايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!
پنهون هو ڪيچ جو سائين! سڄي مڪران جو مالڪ،
کٽي ڀنڀور جو تنهن کي بنايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!
نڌڻڪو هو نه حافظ، ڪو نه هئي ماني! کڻي گهر ۾،
مگر تنهن کي تڙي سنڌ ۾ رلايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!


لفظ حافظ حيات شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.26  عيسوي

حافظ حيات شاهه 26 ڊسمبر 1955ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبيدالله عليم
خير محمد سوز
سوامي سترامداس سڪايل
اياز قادري
رستم فقير لغاري
رامداس سوامي
سودائي سومرو
پارس رياض ملاح
شيخ رحمت الله ٺٽوي
شيلي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون