حافظ حيات شاھہ

حـافـظ حـيات شاھہ: انگريزن جي دور جو شاعر حافظ حيات شاھہ 1875ع ڌاري ڄائو. هن جو تعلق ضلعي جهنگ (پنجاب) جي هڪ ڳوٺ سان هو. سندس والد جو نالو سيد مير عالم شاھہ هو. پنھنجي ماسات سلطان بيگم سان مڱڻو ٿيل هئس، پر ان جي شادي ٻئي هنڌ ٿي وئي. انهيءَ ڏک ۾ جلندو پچندو رهيو ۽ اکين جي روشني ضايع ٿي ويس. حيدرآباد، سنڌ ۾ اچي مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي درد ڀرئي داستان کي منظوم لکيائين، جيڪو ’سلطان بيگم‘ ’داستان غم‘، ’وڇڙيلن جو ميلو‘ ۽ ’ديوان حافظ‘ نالي ڪتابن ۾ موجود آهي. سندس شاعري گهڻي قدر غزلن تي مشتمل آهي، ان کان سواءِ نظم بہ لکيائين. سندس ديوان بہ ڇپيل آهي. حافظ حيات شاھہ 26 ڊسمبر 1955ع ۾ وفات ڪئي. سندس غزل جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
بنائي قيس کي چريو رلايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!
جبل فرهاد کي زوري ٽڪايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!
پنھون هو ڪيچ جو سائين! سڄي مڪران جو مالڪ،
کٽي ڀنڀور جو تنهن کي بنايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!
نڌڻڪو هو نہ حافظ، ڪو نہ هئي ماني! کڻي گهر ۾،
مگر تنهن کي تڙي سنڌ ۾ رلايو ڪنهن؟
ازل جي انگ!


لفظ حافظ حيات شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.26  عيسوي

حافظ حيات شاهه 26 ڊسمبر 1955ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعيد سومرو
خليفو غلام ﷲ
اياز امر شيخ
ساجد سنڌي
لطف سيال
آسو رام
پارس رياض ملاح
غلام علي مداح ٺٽوي
ڀائي ڌرمداس
احمد سليم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون