حسين احمد مدني، مولانا: مولانا سيد حسين احمد مدنيءَ جو شمار ننڍي کنڊ جي انهن آزادي پسند عالمن ۾ ٿئي ٿو، جن زندگيءَ جو وڏو حصو انگريز سامراج خلاف جدوجھد ڪندي گذاريو. سيد حسين احمد جو ٻانگ جو نالو چراغ محمد هو. هن 19 شوال 1296ھہ مطابق 6 آڪٽوبر1879ع ۾ هندستان جي ڳوٺ بانگرمؤ ضلعي اناؤ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد حبيب ﷲ حسيني هو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ الھداد پور تعلقي ٽانڊه، ضلعي فيض آباد جا رهاڪو هئا. سندس والد سيد حبيب ﷲ مولانا فضل الرحمان گنج مراد آباديءَ جو خليفو هو. سيد حسين احمد ٻارهن سالن جي عمر ۾ 1891ع ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي عرصي ۾ سمورن روايتي علمن جي تحصيل ڪري، مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. 1898ع ۾ سندس والد اهل عيال سميت مستقل طور هجرت ڪري بيت ﷲ شريف وڃڻ جو ارادو ڪيو تہ حجاز تائين سيد حسين احمد ساڻن گڏ ويو. مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جي هدايت تي حاجي امداد ﷲ مهاجر مڪي وٽ وڃي سلوڪ جا مرحلا طئي ڪيائين. ڪجهہ مهينن بعد مديني شريف ويو. حرم پاڪ ۾ صخاح سته، تفصير ۽ فقھہ جي تعليم ڏنائين، جنهن سبب سندس شھرت عرب کان ٻاهر ٻين ملڪن تائين ٿي، جتي ’شيخ الحرم‘ جي لقب سان مشھور ٿيو. اٺ سال سعودي عرب ۾ رهڻ کان پوءِ 1908ع ۾ ٻيهر هندستان موٽي آيو، جتي ٽن سالن تائين رهي ديوبند سميت ٻين جاين تي ڪامياب مذهبي اجتماع ۽ جلسا ڪيائين.
1916ع ۾ جيئن ئي برصغير ۾ آزاديءَ جي تحريڪ زور ورتو تہ هيءُ هندستان مان حجاز ويو. ان ئي سال حج ڪري مديني منوره ويو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ عربستان ۾ شھزادي شريف بغاوت ڪئي، نتيجي ۾ سندس ڪيترائي حمايتي عالم گرفتار ڪيا ويا جن ۾ هن کي بہ قيد ۾ رهڻو پيو ۽ پوءِ مالٽا واري جيل مان آزاد ٿيو، سندس والد مولانا حبيب ﷲ حسيني ۽ ڀائرن کي ترڪي حڪومت گرفتار ڪري ’ايڊريالو پل‘ پهچايو، جتي سندن والد وفات ڪئي. پاڻ شيخ الهند سان وڃي مليو، جنهن کيس خلافت اسلاميہ جي بقا ۽ تحفظ لاءِ هندستان ۾ جدوجھد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن کانپوءِ هيءُ هندستان موٽي آيو جتي وطن جي آزادي ۽ تحريڪ خلافت ۾ دل و جان سان ڪم ڪيائين. ڪجهہ عرصي بعد کيس سياسي سرگرمين سبب ڪراچي مان گرفتار ڪري 2 سال قيد ۾ رکيو ويو. ٻن سالن بعد ڪراچي مان آزاد ٿي ديوبند پهتو. ڪراچي جيل ۾ مولانا محمد علي جوهر کي قرآن شريف جو ترجمو پڙهايائين. پاڻ ڇھن سالن تائين سهلٽ (بنگال) ۾ جامعہ اسلاميہ ۾ شيخ الحديث جي حيثيت ۾ رهيو، جتي تدريس کان سواءِ تبليغ بہ ڪيائين. سهلٽ ۾ ٿوري ئي عرصي ۾اسلامي انقلاب آندائين. ڪيترائي ماڻهو سندس معتقد ٿيا. واپس ديوبند اچڻ کانپوءِ بہ هر سال رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سهلٽ ويندو هو ۽ اتي رهي دين جي پرچار ڪندو هو. هن ڪيترائي حج ڪيا. سياسي طور ڪانگريس سان بہ سندس واسطو رهيو ۽ برصغير هند ۾ هندو مسلم اتحاد پيدا ڪرڻ سميت انگريزن جي تسلط جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪيائين ۽ ورهاڱي دوران ٿيل فسادن ۾ ماڻهن جي بچاءَ لاءِ بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪيائين. هن ڊسمبر 1957ع ۾ وفات ڪئي.
1979.10.06 عيسوي
سيد حسين احمد جو ٻانگ جو نالو چراغ محمد هو. هن 19 شوال 1296هه مطابق 6 آڪٽوبر1879ع ۾ هندستان جي ڳوٺ بانگرمؤ ضلعي اناؤ ۾ جنم ورتو.