
حـسيـن علي ’حـسيـن‘، مـرزا
حـسيـن علي ’حـسيـن‘، مـرزا: مـرزا حسيـن علي بيگ ’حسين‘ ولد مرزا غلام حيدر بيگ 1890ع ۾ ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدا ۾ قرآني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي اسڪول ۾ پڙهيو، پر ترت حيدرآباد ۾ وبا ڦهلجڻ سبب تعليم پوري ڪري نہ سگهيو ۽ درزڪو ڪم ڪرڻ لڳو. مرزا حسين علي شاعري بہ ڪئي. شاعريءَ ۾ پنھنجي والد، وڏي سوٽ مرزا قربان علي بيگ، سيد غلام محمد شاھہ ’گدا‘ ۽ مولانا ابوالحسن لکنويءَ کان پنھنجي ڪلام جي اصلاح وٺندو هو. سندس ڪلام اردو ۽ سنڌي زبان ۾ آهي. سندس ڪلام ۾ مرثيا، نوحا، سلام، ڪافيون ۽ غزل شامل آهن. مرزا حسين علي 1915ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
ڪو تہ تدبير ۾ قصور نہ هو،
وصل قسمت ۾ پر حضور نہ هو.
حال دل سمجهي ويو ’حسين علي‘،
ايترو يار بي شعور نہ هو.
(ياد رفتگان: مخدوم طالب المولي!)