حشر (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي 59 هين سورة آهي، جيڪا مديني ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ ٽي رڪوع ۽ 24 آيتون آهن. هن سورة کي بني نضير به چوندا آهن، ڇو ته هن ۾ نضير جي جلاوطنيءَ جو ذڪر آهي، بني نضير کي سندس شرارتن عيوض ملڪ بدري جي سزا ڏني وئي هئي. هن سورة جي شروعاتي آيتن ۾ ڄاڻايل آهي ته يهودين جو هڪ وڏو قبيلو، جنهن وٽ افرادي قوت مسلمانن جيتري هئي ۽ جنگي سامان جي به وٽن ڪا ڪمي نه هئي، پر اهي مسلمانن جي ڪجهه ڏينهن جي گھيري کي برداشت نه ڪري سگهيا، صدين جي آباد وستي کي ڪنهن خون خرابيءَ کان سواءِ ڇڏي وڃڻ تي راضي ٿي ويا ۽ ان جو سبب اهو هو ته اهي الله ۽ ان جي رسول ؐ جي سامهون ٿيا هئا. هن سورة ۾وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي، ته اهي زمينون ۽ علائقا جيڪي جنگ کانپوءِ مسلمانن جي قبضي ۾ آيا، انهن جو ڪهڙي نموني انتظام ڪجي. منافقن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن جو مسلمانن سان رويو ڪيئن هو، جيڪو هنن بني نضير سان جنگ جي موقعي تي اختيار ڪيو هو. سورة جي آخري آيت اندر تقويٰ ۽ فسق ۾ فرق بابت ٻڌايو ويو آهي.