حفيظ الله کوهارو

حفيظ الله کوهارو

حفيظ ﷲ کوهارو

حفيظ کوهارو: چترڪار حفيظ ولد حامد کوهارو، 15 مارچ 1953ع تي ڳوٺ سيڙا ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول دڙي، ميٽرڪ ڊي. سي. هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) پاس ڪيائين. ماسٽر آف آرٽس جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين. کيس مصوريءَ جو فن ورثي ۾ مليو. سندس والد بہ تمام وڏو چترڪار هو. هن ننڍپڻ کان ئي پنھنجي والد کان فن جي سکيا ورتي. هن شاھہ لطيف جي بيتن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا سر ورق بہ ٺاهيا سندس فن پارن جون نمائشون 1973ع ڌاري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، 1983ع ڌاري پبلڪ اسڪول سکر، 2000ع ڌاري اسڪائوٽ گرائونڊ ڪراچي ۽ پندرهين آڪٽوبر 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيون. هيءُ گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڊرائنگ جي استاد طور فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. سندس وفات 18 ڊسمبر 2011ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.03.15  عيسوي

چترڪار حفيظ الله ولد حامد الله کوهارو، 15 مارچ 1953ع تي ڳوٺ سيڙا ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو.


2003.10.15  عيسوي

حفيظ الله کوهارو جي فن پارن جون نمائشون 1973ع ڌاري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، 1983ع ڌاري پبلڪ اسڪول سکر، 2000ع ڌاري اسڪائوٽ گرائونڊ ڪراچي ۽ پندرهين آڪٽوبر 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيون.


2011.12.18  عيسوي

سندس وفات 18 ڊسمبر 2011ع تي ٿي.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمه هاشمي
شرجيل فتاح هاليپوٽو
قاضي خضر حيات
علي اڪبر سومرو
رشيد علي وارثي
پنجو مل رگهواڻي
دهلوي عبدالحميد
ظفر ڪاظمي
سيد محبوب علي شاھہ 2
شوڪت علي دائودپوٽو
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون