
حيات حسنين رضه منزل بمنزل
حيات حسنين رضہ منزل بمنزل (ڪتاب): هي ڪتاب فيصل هالويءَ جو تصنيف آهي. قرآن، حديث ۽ تاريخ جي روشني ۾ امام حسنعه ۽ امام حسينعه جي زندگي ۽ ڪربلا جي اسرارن تي لکيو آهي. هن ڪتاب جي شروعاتي صفحن تي عراق، ڪوفي ۽ جنت البقيع جون ڪجهہ انمول تصويرون بہ موجود آهن.
ڪتاب ٻن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين باب جي شروعات مناقب حسنينعه سان شروع ٿئي ٿي، رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين، بيبي فاطمة الزهرارضه جي بابرڪت نڪاح، حضرت عليعه تي درود و سلام جو طريقو، حسنينعه رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي نظر ۾، آغوش نبوت ۽ ٻيا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو ٻيو بابُ ’اسرار ڪربلا‘ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ امام حسينعه جي شخصيت، ڪربلا جي سانحي ۾ شهادت ماڻيندڙ اهلِ بيت جا نالا، يزيد جي حڪومت جو عرصو ۽ پڄاڻيءَ وغيرہ بابت مضمون آهن.
162 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، الثقلين پبلشر پاڪستان، جولاءِ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ڪتاب جو ملھہ پڪي جلد سان 250 روپيا آهي.