حيدري مرزا قنبر علي بيگ

حيدري، مرزا قنبر علي بيگ: مرزا قنبر علي بيگ ولد مرزا منوهر بيگ، 25 آڪٽوبر 1906ع تي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پاڻ بي. اي، ايل. ايل. بي پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين ۽ پوءِ سيشن جج ٿيو. آخر ۾ چئرمن انڊسٽريل ڪورٽ ڪراچي مقرر ٿيو. ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس کيڏڻ، ٽڪليون ۽ سڪا گڏ ڪرڻ، جانور پالڻ، مختلف ساز وڄائڻ، راڳ ڳائڻ ۽ شعر ۽ شاعري هن جا خاص شغل هئا. شاعريءَ ۾ رهنمائي پنهنجي والد کان ورتائين. هن حمد، نعت، مرثيه، سلام، نوحه، منقبت، قصيده، غزل ۽ ڪافيون لکيون. سندس ڪجهه ڪلام ۾ مزاحيه عنصر پڻ شامل آهن. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾: ’ڪليات حيدري‘ (اردو) ۽ ’ڪليات حيدري‘ (سنڌي) شامل آهن. هن 25 سيپٽمبر 1972ع تي ايران جي شهر مشهد ۾ وفات ڪئي، کيس اتي ئي خواجه اباصلت مقام ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.10.25  عيسوي

مرزا قنبر علي بيگ ولد مرزا منوهر بيگ، 25 آڪٽوبر 1906ع تي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


1972.09.25  عيسوي

هن 25 سيپٽمبر 1972ع تي ايران جي شهر مشهد ۾ وفات ڪئي، کيس اتي ئي خواجه اباصلت مقام ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الڀو شيخ ٺٽوي
عبدالماجد ڀرڳڙي
بوزدار رحيم بخش خان
تيمور لنگ
اين بي بٽاڻي
الڪندي
امداد حسين (موسيقار)
جالوت
احمد رضا بروهي
آغا محمد يحييٰ خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون