حڪايات الصالحين

حڪايات الصالحين (سنڌيءَ ۾ ڇپيل پهريون ڪتاب): 1843ع ۾ سنڌ جي انتظامي واڳ سنڀالڻ کانپوءِ انگريزن سنڌي ٻولي سِکڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ اُن جي معياري الفابيٽ طئہ ڪرڻ، ان کي سرڪاري دفتري ٻولي قرار ڏيڻ ۽ اُن ۾ ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ لاڳيتو جاکوڙ شروع ڪئي، خاص ڪري جنوري 1851ع ۾ سنڌ جي بيدار دماغ ڪمشنر سر بارٽل فريئر فوري طرح سان ٻوليءَ جي مٿين ڪمن کي اوليت جي بنياد تي هٿ ۾ کڻي ورندڙ چند سالن ۾ اُنهن کي عملي شڪل ڏئي منطقي انجام تي پھچايو. ٻوليءَ جي اِنهن اهم ڪمن ۾ رچرڊ برٽن، سر جارج اسٽئڪ، بئرو ايلس، ارنيسٽ ٽرمپ ۽ اي. پي.آرٿر خاص طرح سان نمايان بھرو ورتو. انگريزن سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو پهريون ڪتاب ڇاپخاني مان شايع ڪري پڌرو ڪيو، اُن جي سموري اشاعتي ڪم ۾ ان وقت ڪراچيءَ ۾ سنڌ پوليس جي صوبائي سربراھہ (ليفٽيننٽ) اي .پي .آرٿر وڏي محنت ڪئي. ڊسمبر 1851ع ۾ ڇپيل ’حڪايات الصالحين‘ گذريل دؤر جي نيڪ ۽ صالح بَندن جي نصيحت ڀريل نُڪتن تي مشتمل اهم ڪتاب اُن وقت عام پڙهندڙن توڙي گورن ۾ بہ گهڻو مقبول ٿيو. ان ڪتاب جي پيش لفظ ۾ پوليس سربراھہ اي. پي. آرٿر واضح ڪيو تہ: ”هيءُ ڪتاب ويهن بابن تي ٻَڌل آهي ۽ هر باب ڪنهن نہ ڪنهن ديني ۽ اخلاقي حڪايت تي مبني آهي. هن وقت موجود مڙني سنڌي ڪتابن مان مسلمانن ۾ هن ڪتاب جي مقبوليت سرس آهي، ڇو تہ هي نهايت آسان ٻوليءَ سان سينگاريل آهي. منجهس پرڏيهي ٻولين جي ڏکين محاورن جي ڀرمار ٿيل ڪانہ آهي، ان ڪري پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ سولو آهي. سنڌي ٻولي سکندڙن (انگريزن) لاءِ هي ڪتاب وڏي افاديت وارو ٿيندو. سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ پيڙھہ جو پٿر رکندڙ ان ڪتاب جو ٺٽي ننگر وارو مسودو پنجن ماهرن نظر مان ڪڍي سفارش ڪئي تہ سرڪار ان کي ڇپرائي پڌرو ڪري.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو