حـڪـيـم، فـتح محـمـد سيوهاڻي
حـڪـيـم، فـتح محـمـد سيوهاڻي: سنڌ جو عظيم قومي ڪارڪن ۽ اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ولد خليفو غلام محي الدين، سيوهڻ ۾، 1300 هه/ 1882ع جي اوائل ۾ پيدا ٿيو. سندس والد به نهايت ئي قابل حڪيم وڏو عالم ۽ فاضل هو. سندس تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد بزرگوار جي هٿ هيٺ ٿي. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ ڏهن سالن جي عمر ۾ ڪريما بنا معنيٰ پڙهڻ شروع ڪيائين. اهڙيءَ طرح فارسي پڙهڻ ۽ لکڻ جي سکيا وٺڻ لڳو. هن مولوي محمد عمر چنا وٽ سعديءَ جو گلستان پڙهيو. اڃا يارنهن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي ڀاءُ خليفي محمد جي تربيت هيٺ رهيو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ ڳوٺ پيروز شاهه (شاهه پنجي)، تعلقي ميهڙ ۾ مولانا عطاءُ الله جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ بوبڪ ۾ مولانا عبدالرئوف بختيارپوريءَ وٽ علم صرف پڙهيو. ان زماني کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. هن ابتدا ۾ اڌ فارسي ۽ اڌ سنڌي شعر لکيا. سورهن ورهين جي ڄمار ۾ سيتا تعلقي دادوءَ جي مدرسه عربيه ۾ داخل ٿيو ۽ مولانا محمد صديق سيتائيءَ کان عربي جي تعليم حاصل ڪيائين. 21 ورهين جي عمر ۾ آخري ڪتاب پڙهي 1321هه/ 1903ع ۾ رمضان شريف جي مهيني ۾ فارغ التحصيل ٿيو. کيس مطالعي جو ڏاڍو شوق هو. طالب علميءَ جي زماني ۾ ئي ڪيترن غير نصابي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هئائين. خاص ڪري لغت جي ڪتابن ۾گهري دلچسپي وٺندو هو. تاريخ، ادب، حديث ۽ تفسير جا ڪتاب، عروض ۽ شعري مناظرن ۽ مباحثن جا ڪتاب هميشه سندس مطالعي هيٺ رهيا. سندس خانداني ڪتب خانو هزارين ڪتابن تي مشتمل هو. انهيءَ ڪتبخاني ۾ هر موضوع تي ڪتاب موجود هئا. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي هڪ قديم جامع مسجد (سيوهڻ ۾ مسجد شاهه صدر جي نالي سان مشهور) ۾ علوم اسلاميه جو مدرسو کوليائين، جتي شهر جا ڪيترائي شاگرد اچي داخل ٿيا. سندس ملاقات سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اهل قلم رئيس شمس الدين بلبل سان ٿي، جنهن کيس اهو رسالو ڏيکاريو، جيڪو مولوي محمد عثمان جي ادارت هيٺ نڪرندو هو، جنهن ۾ سندس بي نقاط نظم ۽ نثر وڏي تعريف ۽ توصيف سان ڇپيل هئا. اهي نظم ۽ نثر ڏسي مولانا حميدالدين، جيڪو ان وقت سنڌ مدرسي ۾ فارسي ۽ عربيءَ جو معلم هو، حڪيم صاحب جي مقرريءَ لاءِ وائس صاحب کي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح پنهنجي خداداد قابليت جي ڪري هيءُ سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۾ فارسي ۽ عربيءَ جو معلم مقرر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ پليگ جي بيماريءَ سبب شهر ڇڏي واپس موٽيو ۽ بعد ۾ مدرسي ۾ ملازمت لاءِ نه ويو. ڪجهه ئي عرصي بعد ٻيهر ڪراچي ويو، جتي ميمڻ مسجد جي ويجهو پارسين جي پاڙي ۾ ڪچهري روڊ تي پنهنجو شفاخانو کوليائين. هيءُ اعليٰ پايي جو حڪيم هئڻ سان گڏ اعليٰ پايي جو ليکڪ به هو. سندس لکڻين جو اسلوب پختو، عالماڻو ۽ نهايت شگفته هوندو هو. طب، ادب، شعر، تاريخ ۽ سوانح نگاريءَ ۾ کيس بلند مرتبو حاصل هو. سندس تصنيفن مان هيٺيون تصنيفون قابل تعريف آهن:
(1) حيات النبي (1914ع، ڪيترا ايڊيشن شايع ٿيا)، (2) داستان قوم، (3) خدا هڪڙو آهي، (4) فتح محمدي، (5) اخلاق محمدي (حيات النبي جو ٻيو ڀاڱو)، (6) احوال لعل شهباز قلندر، (7) تنوير الايمان، (8) ڪمال ۽ زوال (1923ع)، (9) ميرن جي صاحبي (1924ع)، (10) بهار اخلاق عرف بهار ڪلام (نظمن جو ڪتاب:1938ع)، (11) ابوالفضل ۽ فيضي (1932ع)، (12) آفتاب ادب (1956ع)، (13) نامڪمل خود نوشته سوانح حيات (1941ع ۾ سخت بيماريءَ دوران لکڻ شروع ڪيائين، جيڪا نامڪمل رهجي وئي)، (14) مختلف ڪتابن تي تقريظون. مختلف موقعن تي لکيل تقريرون: (1) شمس العلماءِ مرزا قلـيـچ بيـگ جـي ورسيءَ جـي مـوقعي تي ڪيل تقرير بسنت هال حيدرآباد، (2) ڊي. جي. نيشنل ڪاليج، حيدرآباد ۾ مشاعري تي صدارتي تـقرير، (16) اسلامي ۽ ديني درسي ڪتابن ۾ مختلف مضمون ۽ نظم نهايت ئي لاڀائتا آهن.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سائين جي. ايم. سيد جو ويجهو ساٿي هو. قومي خدمت جو جذبو منجھس گهر ڪري ويل هو. حڪمت لاءِ ڪتب ايندڙ ماکي وغيره به جي. ايم. سيد کيس مهيا ڪري ڏيندو هو. سنڌ کي حڪيم صاحب وٽان جيڪو علم ۽ ادب جو ذخيرو مليو آهي، سو ديني، تـاريخي سوانح عمري، سيرت نگاري ۽ تنقيدي ادب تي مشتمل آهي. مختصر تصنيفن هـوندي به سنڌي ادب ۾ قيمتي اضافو ڪيو اٿس.
کيس ذيـابـيـطـس جـي بـيـماري پڇاڙيءَ تائين هلندي آئي، جنهن جو علاج پاڻ ڪندو هو. آخر ۾ کـيـس هـڏائين سلهه جو عارضو ٿي ويو ۽ ٽنگ ۾ سخت سور ٿي پيو هئس. سخت هيڻائي ۽ ضعيفيءَ سبب ذوالحج 1321هه مطابق ڊسمبر 1942ع ڌاري وفـات ڪـيائين. وفات کان اڳ ۾ پنهنجي رحلت جي تـاريـخ جـو سـال هـڪ قـطـعه ۾ چئي ڇڏيـو هـئـائين، جو ’مُشتِ خاڪ‘ مان 1321هه/ 1903ع نڪري ٿو.