خالد چانڊيو

خالد چانڊيو

خالد چانڊيو1

خالد چانڊيو: نامور شاعر، براڊ ڪاسٽر خالد چانڊيي جو پورو نالو خالد حسين چانڊيو آهي. هي ناليواري مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو جو وڏو فرزند آهي. سندس جنم 6 ڊسمبر 1979ع تي ڳوٺ جوابپور چانڊيي، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ايوب خان چانڊيي ۽ جوابپور مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊکڻ مان، انٽر گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان 1999ع ۾، بي. ايس. سي ۽ ايم. اي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پڙهيو ۽ ايم. فل/ پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ڪري رهيو آهي. شاعريءَ جي ابتدائي سکيا پنھنجي والد زخمي چانڊيي ۽ ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ کان ورتائين. 1992ع ۾ سندس پهريون غزل روزاني ‘آفتاب’ اخبار جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿيو. خالد چانڊيو 2005ع کان ريڊيو پاڪستان سان سلهاڙيل آهي. ريڊيو پاڪستان تي پروگرام پروڊيوسر جي حيثيت ۾ مختلف موضوعن تي فيچر، دستاويزي پروگرام، مشاعرا، ادبي پروگرام ۽ ميگزين پروگرام پيش ڪندو رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي، ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي ‘شعبه پيشڪش’ ۽ ‘موسيقيءَ جي شعبي’ جو انچارج پڻ رهيو آهي. سندس ڪيترائي ڪلام مختلف فنڪارن جي آوازن ۾ ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تان ڳايا ويا آهن. سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. هُن ‘رتن’ سنڌي شاعريءَ جي صنف ادب ۾ متعارف ڪرائي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان ڇپجندڙ ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ جي ڪتاب ‘سنڌي ادب جون صنفون ۽ صنعتون’ ۾ شامل آهي.
خالد چانڊيو ‘زخمي پبليڪيشن- ڊکڻ’ جو بانيڪار ۽ چيئرمين آهي، جنهن وسيلي مختلف شاعرن، ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب شايع ڪرائيندو رهي ٿو، جنهن جي پليٽ فارم تان ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي آتم ڪٿا ‘جوڻيون جيءَ جھان جون’ (ٻہ جلد)، مٺل چانڊئي جو ڪهاڻي ڪتاب ‘منزل کان اورتي’ ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ ‘سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن’ (سچوا) جو ‘مرڪزي سيڪريٽري انساني حق’ ۽ ‘پريس ترجمان’ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جي سيڪريٽري سميت مختلف عهدن تي وقت بوقت ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، لاڙڪاڻي جي ادب جي شعبي جو ميمبر ۽ مختلف ڪاميٽين جو عهديدار آهي.
کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ ‘موهن جو دڙو اوارڊ’، ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي قمبر شھدادڪوٽ پاران ‘شاھہ لطيف اوارڊ’، سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران ‘نياز همايوني يادگار شيلڊ’، پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن پاران بھترين ڪارڪردگيءَ عيوض ڪيترائي ڀيرا ‘مڃتا سرٽيفيڪيٽ’، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ ۽ ٻين ادبي تنظيمن طرفان مڃتا سرٽيفيڪيٽ ۽ شيلڊون قابل ذڪر آهن.
خالد چانڊيي جو هڪ شعري مجموعو ‘اکيون رولاڪ ٿيون ڏسجن’ شايع ٿيل آهي. خالد هن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام پروڊيوسر آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.12.06  عيسوي

نامور شاعر، براڊ ڪاسٽر خالد چانڊيي جو پورو نالو خالد حسين چانڊيو آهي. هي ناليواري مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو جو وڏو فرزند آهي. سندس جنم 6 ڊسمبر 1979ع تي ڳوٺ جوابپور چانڊيي، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي گوهر فقير
الطاف عباسي
ڇتن شاھہ سيد
فقيرعبدالغني ڀٽي اياز
بلاول پرديسي
بيبي حوا ٻائي
ثنائي مشهدي
وسيم سومرو
امداد علي سولنگي
علي محمد مجروح
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون