خانبهادر احمد خان سڌايو

خانبهادر احمد خان سڌايو: وڏيرو احمد خان ولد چوڏهيو خان سڌايو شڪارپور جي ڳوٺ چوڏهيي سڌايي ۾ 1856ع ڌاري ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ فائينل جي تعليم حاصل ڪري زمينداري ڪرڻ لڳو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر هو. پنھنجي سماجي ڪمن سبب پوري شڪارپور ۾ مشھور هو. انگريز حڪومت جي طرفان کيس خانبهادر جي لقب سان گڏ اندازاً 20 عدد آفرين نامہ ۽ ’ميڊل‘ ڏنا ويا. 1901ع ۽ 1931ع واري ٻوڏن (سيلاب) کان بچاءَ لاءِ سندس ڪيل خدمتن جي عيوض انگريز ڪمشنر پاران آفرين نامہ مليس. 5 ڊسمبر 1928ع تي ڳوٺ چوڏهيي سڌايي ۾ هڪ ’ڪوآپريٽو سوسائٽي‘ قائم ڪيائين. هن انگريز حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو. جنهن ڪري وطن دوست ماڻهن جي نظر ۾ سندس ڪردار منفي رهيو. جنوري 1935ع ۽ 1939ع ۾ هن کي اعزازي تلوار ڏني ويئي. شمله ۾
12 مئي 1937ع تي جارج پنجين احمد خان سڌايي کي خدمتن جي عيوض هڪ سونو ميڊل ڏنو، حڪومت کيس اعزازي مئجسٽريٽ جا اختيار بہ ڏنا، جنهن ۾ 6 مهينا سزا ڏيڻ جو اختيار بہ شامل هو. هن سياست ۾ هميشہ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو. 1943ع جي عام چونڊن ۾ خانبهادر احمد خان سڌايي جي اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ چوڏهيي ۾ تنهن وقت جي نامور سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي. قائداعظم محمد علي جناح بلوچستان ويندي شڪارپور اسٽيشن تي احمد خان سڌايي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ تقرير ڪئي. 1943ع جي اليڪشن ۾ خانبهادر احمد حاجي مولا بخش سومري کي شڪست ڏني ۽ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. هن 1944ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ خانبهادر احمد خان سڌايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو