خانبهادر غلام محمد خان وساڻ: سانگهڙ ضلعي جو ناميارو سياسي اڳواڻ خان وساڻ'>خانبهادر غلام محمد خان وساڻ، خانبهادر محمد هاشم خان وساڻ جو فرزند هو. سندس ڏاڏي جو نالو ميان پنھون خان وساڻ هو. سندس والد وڏيءَ دسترسيءَ وارو ماڻهو ٿي گذريو آهي. غلام محمد خان پنھنجي پيءُ جو وڏو فرزند هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتي. ست درجا سنڌي ۽ چار درجا انگريزيءَ کان وڌيڪ تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. پيءُ جي وفاتيءَ کان پوءِ، وڏي فرزند هئڻ ڪري، زمينداريءَ جي سموري ڪاروبار جو بار هن جي مٿان پيو، جنهن کي هن خوش اسلوبيءَ سان، سُڌاري، وڌائي، نظام هيٺ آندو.خان وساڻ'>خانبهادر غلام محمد خان وساڻ 1944ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ٿرپارڪر جو ميمبر چونڊيو. اُن وقت مسلم ليگ اندر خانبهادر کهڙي ۽ جي. ايم. سيد جي گروھہ جي وچ ۾ رساڪشي هئي. خانبهادر ميان فقير محمد مڱريي سان گڏجي، خانبهادر ايوب کهڙي جو دست راست ٿي ڪم ڪيو. خانبهادر غلام محمد خان ۽ سانگهڙ ضلعي جي ٻئي اهم سياسي اڳواڻ خانبهادر محمد حيات جوڻيجي جا، 1940ع ۾، حر تحريڪ جي زماني کان اختلاف هلندا ايندا هئا. جوڻيجن جا خانبهادر غلام نبي شاھہ ۽ غلام حيدر شاھہ سان بہ واسطا هئا. جڏهن 1945ع جي آخر ۾ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان جي. ايم. سيد جو، سنڌ اسيمبليءَ جي اميدوارن جي چونڊن تي اختلاف ٿيو تہ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ غلام حيدر شاھہ جي مقابلي ۾ خانبهادر وساڻ کي ٽڪيٽ ڏئي، اسيمبليءَ ۾ چونڊائڻ جي ڪوشش ڪئي ان کان پوءِ 1945ع ۾ خانبهادر وساڻ، ضلعي لوڪلبورڊ ٿرپارڪر جو پريزيڊنٽ چونڊيو. جنهن عهدي تي 10 سال رهيو ۽ خانبهادر کهڙي جي خاص دوستن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هڪ وقت ۾ هو صوبائي سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر، انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ صوبي مسلم ليگ جي پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر بہ ٿي رهيو. 1953ع ۾ خانبهادر کهڙي جا پاڪستان مسلم ليگ سان اختلاف پيدا ٿيا، ۽ هن جدا سنڌ مسلم ليگ ٺاهي، تہ اُن ۾ خانبهادر وساڻ بہ هن سان گڏ هو. ان ڀيري چونڊن ۾ مسلم ليگ ۽ پير صاحب پاڳاري جي گڏيل مخالفت جي ڪري هي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي نہ سگهيو. 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ خانبهادر کهڙي سان گڏ مسلم ليگ گروھہ ۾، ڊاڪٽر خانصاحب مرحوم جي وزارت جي مخالفت ۾ رهيو ۽ ملڪ سان مارشل لا لاڳو ٿيڻ تائين اسيمبليءَ جو ميمبر رهندو آيو. 1957ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪو ونيونٽ خلاف محاذ قائم ٿيو هو، اُن ۾ هن شرڪت ڪئي. نئين آئين ٺھڻ بعد، جڏهن 1961ع ۾ قومي اسيمبليءَ جون چونڊيون ٿيون تہ هي سانگهڙ مان پير پاڳاري جي مخالفت جي باوجود قومي اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. سنڌ مان ٻہ ميمبر، خان وساڻ'>خانبهادر غلام محمد خان وساڻ ۽ سيد امير حيدر شاھہ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالفت ۾ ويهندا هئا، پر هن جا مخدوم صاحب هالن واري سان عقيدتمندانه تعلقات رهيا هئا، اُن جي هميشہ کيس مدد ملندي هئي. حڪومت پاران مخدوم صاحب تي زور بار پيو تہ خانبهادر وساڻ کان ووٽ سرڪار طرف ڪرائي. اُن کان اول ۾ هن انڪار ڪيو. سندس دوست کهڙو صاحب اسيمبليءَ کان ٻاهر هو. پير صاحب پاڳارو اڳيئي سندس مخالف هو، پر مخدوم صاحب سندس مددگار هو، اُن جي بہ همدردي وڃڻ کان پوءِ هن جي مستقل مزاجي ٽُٽي پئي. ٿوري وقت کان پوءِ محمد خان جوڻيجي جي وزير ٿيڻ بعد مغربي پاڪستان اسيمبليءَ تي اُن جي ميمبريءَ جي جاءِ خالي ٿي. خانبهادر محمد حيات جوڻيجي، خانبهادر وساڻ کان مدد گهُري. هُن اُن موقعي تي غنيمت ڄاڻي، جوڻيجي جي پُٽ کي چونڊائڻ ۾ مدد ڪئي.ان کان پوءِ مٿس سرڪاري پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ زور بار وڌندو رهيو. هن لاءِ ٻہ رستا کُليل هئا: يا مستقبل ۾ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان هٿ کڻي، يا سرڪاري پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿئي. هن پوئين ڳالھہ کي ترجيح ڏني ۽ سنڌ جي وڏيرڪي سياست وانگر جڳ جهڙو بڻيو.
خانبهادر غلام محمد وساڻ شخصي طرح مهمان نواز، وفادار دوست ۽ باهمت اڳواڻ هو. ايوب خان جي خلاف چونڊن ۾ هن محترمہ فاطمہ جناح کي مدد ڪئي ۽ پاڪستان نيشنل اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. 1970ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان ذوالفقار علي ڀُٽي سان سانگهڙ ضلعي مان مقابلي ۾ بيٺو، پر چونڊن ۾ هارائي ويو. جنهن جو کيس ڏاڍو صدمو رسيو.
خان وساڻ'>خانبهادر غلام محمد خان وساڻ، 28 ڊسمبر 1970ع تي وفات ڪئي.
1970.12.28 عيسوي
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ، 28 ڊسمبر 1970ع تي وفات ڪئي.