خانہ بدوش: اهڙا لاڏائو ماڻهو، جن جو ڪو هڪ وطن، علائقو يا شھر نہ هوندو آهي، هن قسم جا ماڻهو موسم مطابق خوراڪ پاڻيءَ ۽ چراگاهن جي ڳولا ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن، جيئن: بلوچستان توڙي سنڌ جا بروهي، ريٻاري، باگڙي، جوڳي، شڪاري، گواريا ۽ ڪبوترا وغيرہ. هي ماڻهو گهڻو وقت هڪ هنڌ نہ رهندا آهن، پر مختلف هنڌن تي لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن. هنن وٽ اڪثر مال جا وڏا ڌڻ هوندا آهن، سنڌ اندر بہ ڪيترائي خانہ بدوش قبيلا رهن ٿا، جيڪي مختلف ضلعن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن.