خان عبدالغفار خان
مهاتما گانڌي ۽ خان عبدالغفار خان
خان عبدالغفار خان: خان عبدالغفار خان نه رڳو پاڪستان، پر ننڍي کنڊ جو ناميارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هيءُ خدائي خدمتگار، باچا خان ۽ سرحد جي گانڌيءَ جي لقبن سان به مشهور آهي. هن ڳوٺ اتمان زئي (ضلعي مردان) خيبرپختونخوا ۾ 1890ع ڌاري جنم ورتو. مشن اسڪول پشاور مان مئٽرڪ ڪيائين. ڪجهه وقت عليڳڙهه مسلم ڪاليج ۾ به پڙهيو. وطن موٽي اچي عوامي ڀلائيءَ ۽ تعليم جي ترقيءَ لاءِ سرگرميون شروع ڪيائين. 1910ع ۾ اسلاميه اسڪول پشاور جو بنياد رکيائين. پوءِ علائقي ۾ ٻيا به ڪيترا اسڪول کولرايائين. ان دؤر ۾ تحريڪ آزادي ابتدائي مرحلن ۾ هئي. خان عبدالغفار خان نهايت ئي جوش ۽ جذبي سان وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جلد ئي آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻن ۾ اهم رتبو حاصل ڪري ورتائين. 1919ع ۾ رولٽ ائڪٽ جي خلاف ملڪ گير تحريڪ شروع ٿي ته خان عبدالغفار خان پنهنجي علائقي ۾ جلسا ۽ جلوس منظم ڪيا. 1920ع ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ ڪابل هجرت ڪري ويو. واپس موٽيو ته انگريز دشمن سرگرمين جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ لاڳيتو ٽي سال جيل ۾ رهيو. 1924ع ۾ آزاد ٿيو ۽ ان ئي سال حج به ڪيائين. 1928ع ۾ ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين، جتي مهاتما گانڌيءَ سان سندس ملاقات ٿي. گانڌيءَ جي عدم تشدد (اهنسا) جي فلسفي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پنهنجي علائقي ۾ پهچي اهڙو پرچار شروع ڪيائين. 1929ع ۾ ’خدائي خدمتگار‘ تحريڪ جو بنياد رکيائين. 1930ع ۾ پشاور جي قصه خواني بازار ۾ خالي هٿين عوام تي انگريزي فوج زبردست فائرنگ ڪئي، جنهن جي ردعمل ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿيا، جنهن ڪري انگريز حڪومت باچا خان کي گرفتار ڪري ورتو. هڪ سال جي قيد کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. ڊسمبر 1931ع ۾ وري کيس گرفتار ڪيو ويو. 1934ع ۾ کيس انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. 1946ع ۾ عام اليڪشن ٿي ته باچا خان مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. ٻين ڪانگريسي ليڊرن وانگر سرحدي گانڌي خان عبدالغفار به هندستان جي ورهاڱي جي خلاف هو.
پاڪستان ۾ شموليت جي سوال تي جون 1947ع ۾ صوبي سرحد ۾ ريفرنڊم ٿيو ته خان عبدالغفار خان ان جو بائيڪاٽ ڪيو. قيام پاڪستان کان پوءِ ’خدائي خدمتگار‘ تحريڪ تي پابندي وڌي وئي ۽ سرحدي گانڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. 1957ع تائين جيل ۾ رهيو ۽ ائين مجموعي طرح سان 14 سال قيد ۾ رهيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ترت پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري ڪابل هليو ويو ۽ ڊگھو عرصو اتي رهيو. واپس آيو ته پاڪستاني پاسپورٽ تي دهليءَ هليو ويو، جتي ڀارتي حڪومت کيس ’عالمي نهرو اوارڊ‘ سان نوازيو.
خان عبدالغفار خان سياست ۾ سائين جي. ايم. سيد جو ساٿي رهيو. ساڻس گڏجي پيپلز پارٽي ۽ نئشنل عوامي پارٽي ٺهرايائين. ون يونٽ تحريڪ ۾ خان عبدالغفار خان ۽ جي. ايم. سيد گڏ هئا. مرڪزي اسيمبليءَ مان ون يونٽ خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائڻ وارن معاهدن ۾ خان عبدالغفار خان جو وڏو هٿ رهيو. سرحد ۾ ائنٽي ون يونٽ فرنٽ قائم ڪرايائين. سائين جي. ايم سيد سان قربت جي ڪري، وٽس ڪراچي ۽ سن ۾ اڪثر اچي رهندو هو ۽ سيد جي سالگرهن ۾ شريڪ ٿيندو هو.
10 فيبروري 1975ع تي نيشنل عوامي پارٽيءَ تي بندش پوڻ کان پوءِ ان جي اڪثر اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. باچا خان کي به پنهنجي ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو. جتان سيپٽمبر 1976ع تي آزاد ٿيو. 1978ع کان 1981ع تائين ڪابل ۾ وڃي رهيو. 1981ع ۾ پاڪستان موٽي آيو. خان عبدالغفار خان 1988ع ۾ اتمان زئيءَ ۾ وفات ڪئي. ان موقعي تي هندستان جو وزير اعظم راجيو گانڌي تعزيت لاءِ خان صاحب جي پوئينرن وٽ سندن ڳوٺ آيو. سندس وصيعت موجب کيس جلال آباد (افغانستان) ۾ دفن ڪيو ويو.
1975.02.10 عيسوي
10 فيبروري 1975ع تي نيشنل عوامي پارٽيءَ تي بندش پوڻ کان پوءِ ان جي اڪثر اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. باچا خان کي به پنهنجي ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو. جتان سيپٽمبر 1976ع تي آزاد ٿيو. 1978ع کان 1981ع تائين ڪابل ۾ وڃي رهيو. 1981ع ۾ پاڪستان موٽي آيو. خان عبدالغفار خان 1988ع ۾ اتمان زئيءَ ۾ وفات ڪئي. ان موقعي تي هندستان جو وزير اعظم راجيو گانڌي تعزيت لاءِ خان صاحب جي پوئينرن وٽ سندن ڳوٺ آيو. سندس وصيعت موجب کيس جلال آباد (افغانستان) ۾ دفن ڪيو ويو.