
خدا آباد ثاني (هالا) ۾ موجود قديم مزارون
خدا آباد (ثاني): خدا آباد (ثاني) شهر، ڪلهوڙن جي آخري حاڪم ميان سرفراز خان عباسيءَ تعمير ڪرايو هو ۽ هي شھر ڪلهوڙن جو آخري تختگاھہ هو. ميان غلام شاھہ 1186ھہ/ 1772ع ۾ وفات ڪئي تہ کيس حيدرآباد شھر جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ ميان سرفراز خان سندس تخت تي ويٺو. ميان سرفراز حيدرآباد ۾ رهي، پنھنجي حڪومت هلائي. تيمور شاھہ، ميان سرفراز خان کي ’خدايارخاني‘ خطاب ڏيڻ سان گڏ ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان جا علائقا عطا ڪيا. هن گجرات ۽ ڪڇ ۾ سوڀون حاصل ڪيون. انهن سوڀن تان موٽندي ميان سرفراز نئين تختگاھہ يعني ’خدا آباد ثاني‘ ۾ داخل ٿيو. هن بابت مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”ميان سرفراز خان شوال جي مهيني ۾ نئين آباد ڪرايل شھر خدا آباد ۾ پهتو.“ مير علي شير قانع ٺٽوي، غلام رسول مھر ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’خدا آباد ثالث‘ واري خيال کي تسليم نہ ڪيو آهي. خدا آباد ثالث جو خيال سڀ کان پهرين انگريز دور جي تاريخدان خانبهادر خداداد خان پنھنجي ڪتاب ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ ڏنو. مير علي شير قانع ٺٽوي ڪلهوڙا دؤر جو نامور محقق، اديب، تاريخدان، عالم ۽ شاعر خدا آباد اول ۽ خدا آباد ثاني هو جنهن کان پوءِ خدا آباد ثالث جو ذڪر نہ ڪيو آهي. خدا آباد ثاني شھر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي حڪم تي تعمير ٿيو. هي شھر موجودہ هالا شھر کان اولھہ ۾ ڏيڍ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تعمير ڪيو ويو هو. تختگاھہ جي حيثيت ۾ هن شھر امن امان صرف هڪ سال ڏٺو. سرڪاري ۽ سياسي گڏجاڻين کان سواءِ ان هڪ سال ۾ هتي ادبي بيٺڪون بہ ٿيون تہ مذهبي مناظرا بہ ٿي گذريا. ڊاڪٽر دائودپوٽي هن شھر ۾ عبدالرحيم گرهوڙيءَ ۽ ٻين مذهبي عالمن ۾ ٿيل هڪ مناظري جو بہ ذڪر ڪيو آهي. وقت جو حاڪم ميان سرفراز پاڻ عالم ۽ شاعر هو. خدا آباد ثانيءَ ۾ هن جي اردگرد گهڻائي عالم ۽ شاعر اچي گڏ ٿيا هئا. جلد ڪلهوڙن جو دور ختم ٿي ويو ۽ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا. مير فتح علي خان خدا آباد ثانيءَ کي تختگاھہ قائم رکيو. خدا آباد ثانيءَ ۾ سڀ کان نمايان مقبرو مير فتح علي خان جو آهي. ان ۾ مائي خيري (مير فتح علي خان جي والدہ)، مير بھرام خان،
مير صوبدار خان، مير محمد علي خان، مير غلام علي خان ٽالپر ۽
مير صوبدار خان ثاني دفن ٿيل آهن. اتي ئي ٽنڊي آغا جي سيدن جا وڏا سيد عبدالهادي ۽ سيد ابراهيم شاھہ پڻ دفن ٿيل آهن.