
خدا آباد 3

ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو

خدا آباد واري مسجد
خدا آباد3 (شھر): ميان يار محمد ڪلهوڙي کي جڏهن شاهي درٻار مان 1701ع ڌاري ’خدايار خان‘ جو خطاب مليو تہ هن دادوءَ کان ڏکڻ طرف ستن ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد نالي شھر ٻَڌايو. هن شھر جو بنياد ڪلهوڙن
جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي وڌو. ميان يار محمد ڪلهوڙي ۾ ان ڏينهن کان وٺي مغلن خلاف انتقامي جذبو موجود هو، جڏهن مغلن سندس ڀاءُ ميان دين محمد کي ملتان ۾ قتل ڪرايو. ان کان پوءِ ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي کي بہ مغل سامراج قتل ڪرايو. ميان آدم شاھہ ’ميان وال‘ تحريڪ جو باني بزرگ هو. ان کان پوءِ ميان وال تحريڪ کي ميان نصير محمد زور وٺرايو. ان کي بہ مغلن گواليار ۾ قيد ڪري رکيو هو، پر هو اتان ڀَڄي آيو. ميان نصير محمد کانپوءِ ميان دين محمد ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي ميان وال تحريڪ جون واڳون سنڀاليون مغلن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ ’کوڙ‘ واري جنگ لڳي، جنهن ۾ مغلن جو ڪافي نقصان ٿيو. ميان يار محمد ڪن معاهدن لاءِ قلات هليو ويو. پويان مغلن قيصر خان پنهور سان گڏجي ميان دين محمد کي شھيد ڪري وڌو ۽ قيصر خان کي سامتاڻي پرڳڻو انعام ۾ ڏنو. هن سامتاڻين جي آس پاس واريون زمينون پڻ پنھنجي قبضي ۾ ڪيون. ميان جي مريدن ۽ معتقدن قلات ۾ وڃي سڄي روئداد ميان يار محمد کي ٻڌائي. جنهن تي ميان يار محمد ڪاوڙ ۾ انتقام وٺڻ لاءِ ڀڙڪي اُٿيو، خاص مريدن ۽ معتقدن سان صلاح مشورا ڪري واپس وريو ۽ طئي ڪيو ويو تہ: (1) پيءُ ۽ ڀاءُ (ميان محمد ۽ ميان دين محمد) واري گـاديءَ وارو هـنـڌ يـعـني مـرڪـزي گـاديءَ جـو هـنـڌ ٻـيو مقرر ڪجي، (2) پهرين پلاند مغلن جي دوست قيصر خان پنهور سان ڪجي.
اهو فيصلو ڪري هو قلات مان نڪتو ۽ پنهنجن ٻن پٽن ميان نورمحمد ۽ ميان دائود کي قلات جي واليءَ وٽ پابند ڪري منزلون طئي ڪري منڇر جي ڪُور کان ٿيندو شاھہ حسڻ جي ڳوٺ کان لنگهي راتو رات سامتاڻين جي ڳوٺ قيصر خان پنهور مٿان اچي ڪڙڪيو ۽ هن قيصر خان کي چوائي موڪليو تہ: ”جي ڪو بہ نقصان نہ ٿو چاهين تہ خاموشيءَ سان ملڪ ڇڏي وڃ ۽ جي رتو ڇاڻ چاهين ٿو تہ هيءَ تلوار وٺ ۽ مقابلو ڪر“. قيصر خان پنهور ڊڄي ملڪ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ راتو رات درياھہ پار ڪري نوشهري فيروز طرف هليو ويو. انهيءَ دوران سڄو پرڳڻو ميان صاحب جي وفادار سپھہ سالارن ميان اوڍاڻي، ڏونگر مگسي، گاجي شاھہ کوسي، شاھہ گودڙيي، فقير فتح محمد لاشاري، فقير گلزار علي لنڊ، فقير ڏتل کهاوڙ، فقير چاڪرخان شاهاڻي، منگي جتوئي، فقير گل محمد، فقير جان محمد ڏاهري ۽ ٻين جي گهيري ۾ رهيو. ميان صاحب سان گڏ قيصر خان پنهور سامهون راڄو ليکي، ميرڻ سولنگي، شهدادخان لانگاھہ، بھليل شاھہ ۽ قيصر خان جا گرفتار ٿيل محافظ هئا.
اها يار محمد ڪلهوڙي جي پهرين فتح هئي، جيڪا بغير ڪنهن خون خرابي جي ٿي. ان لاءِ اڄ تائين چوڻي آهي تہ ميان يار محمد ڏنڊي سان حڪومت ورتي هئي، ان ڏينهن کان پوءِ ميان يار محمد ڏنڊائي حاڪم مشھور ٿيو. ميان صاحب هڪدم پوءِ سامتاڻين، منڱڻيجن جي ڳوٺ ۽ شڪارپور پنهواريءَ (اڄڪلھہ جنهن کي ڦڪا چئجي ٿو،) جي وچ ۾ خيما کوڙايا ۽ اتي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ۽ اُن جو يڪراءِ نالو ’خدا آباد‘ رکيو ويو. هي شھر ڪلهوڙن جي بادشاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ بہ ساڳئي نالي سان اڄ سوڌو دائم ۽ قائم آهي. خداآباد کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪرڻ جو سبب اتان جي جاگرافيائي صورتحال هئي، ڇو تہ خدا آباد کي هڪ طرف کان سنڌو درياھہ هو، ٻئي طرف اولھہ کان کير ٿر جبلن جي قطار ۽ منڇر ڍنڍ، ڏکڻ کان ڀڳي ٽوڙهي وارو لنگهہ ۽ جبل ۽ اتر کان ميداني علائقو هو. ان ڪري ميان يار محمد گاديءَ جو هنڌ ’ڳاڙهيءَ‘ مان مٽائي خدا آباد ڪرايو. خدا آباد جو شھر 10 کان 12 ميلن تائين پکڙيل هو. هن شھر جون حدون اتر کان ڏکڻ طرف يعني سامتاڻين جي ڳوٺ کان ڪوٽ لشاري (ٽلٽيءَ جي ڀرسان) تائين ۽ اولھہ کان اوڀر طرف ميان يار محمد جي ڦڪن ۾ موجود مقبري کان هڪ ميل پوئتي کان ويندي ’نورجا پتڻ‘ ڳوٺ تائين هيون. ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي وقت ۾ بادشاهي مسجد يا ريلوي اسٽيشن کان وٺي ميان جي مقبري تائين، پنجاھہ ايڪڙن تي ميان صاحب جون محلاتون، درٻار، باغ باغيچا، مسجد وغيرہ موجود هيون. ٻيو شھر اڳتي ۽ پاسن سان هو. اهو ئي سبب آهي، جو ٻاهريان سياح خداآباد جي خوبصورتيءَ کي بيان ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ سگهندا هئا. هن شھر جي وچ مان نور واھہ جو ننڍو وهڪرو بہ هو، جتي ميان صاحب جي تفريح لاءِ ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون. هن شھر جي اوڀر ۾ هڪ بچاءَ بند جا نشان اڄ بہ موجود آهن، جيڪو شھر کي آبڪلاڻيءَ جي موسم کان بچاءَ لاءِ ميان يار محمد ٻڌرايو هو. خدا آباد جي اولھہ ۾ ڪافي ميلن کان نور واھہ جا ڦٽل نشان اڄ بہ موجود آهن، جيڪو واھہ پڻ ميان يار محمد کوٽرايو هو. اهو ناري کان نڪري، ڦِري منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
مسجد کان ميل کن جي فاصلي تي اتر طرف ڊٺل ڪوٽ جا نشان بہ ڪافي حد تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جون ڀتيون ڪچيون، اٽڪل 20 فوٽ کن ويڪريون ۽ 50 فٽ کن اوچيون موجود آهن. هر فرلانگ تي مورچو ٺهيل نظر ايندو، جنهن جي ويڪر 30 فوٽن کان بہ مٿي آهي ۽ هر مورچو ڪوٽ واري ڀت کان ٻاهر نڪتل نظر ايندو. ان ڪوٽ جي آخري ڇيڙي کان نور واھہ وهندو هو، جيڪو خندق جو بہ ڪم ڏيندو هو. انهيءَ ڪوٽ جا نشان ميان يار محمد جي مقبري لڳ ختم ٿين ٿا. ڪوٽُ، وچ مان ڪِري چڪو آهي، پر پوءِ بہ نشان شاهديءَ طور موجود آهن. ڪوٽ جي پهرئين مورچي کان اڌ ميل جي فاصلي تي ’مائي ستي جتيءَ‘ جو قبرستان آهي، جنهن تي مقبرو اڏيل هو. مقبري جو گنبذ وقت گذرڻ سان ڊهي پٽ پئجي ويو آهي. مـسـجـد، مقـبـري تـوڙي قبرستان ۾ ساڳيون سرون استعمال ٿيل آهن. هيمقبرو ميان يار محمد پاڻ ٺهرايو هو. سندس مقبري کان 40 قدمن تي گهر جا نشان موجود آهن، جتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي. ان گهر ۾ هڪ کوھہ هو، جيڪو تازو لٽيو ويو آهي، جنهن جا نشان بہ موجود آهن. هتي ڪافي کوھہ نظر ايندا، جن سڀني جي جڙاوت ۽ سرن جو نمونو هڪجهڙو آهي. اهڙا 40 کن کوھہ اڄ بہ موجود آهن. اڄ بہ هنن کوهن تي نار ۽ مشينون رکي ماڻهو آبادي ڪن ٿا. ڪوٽ جي ڀت لڳ وڏي خندق هوندي هئي، جنهن ۾ پاڻي هر وقت موجود هوندو هو. خندق جا نشان اڄ بہ موجود آهن.
ميان صاحب جو محل موجودہ مقبري جي اوڀر اتر طرف موجودہ روڊ جي ساڄي پاسي هوندو هو، جنهن لاءِ ڪافي روايتون ملن ٿيون. هن محلات جي اترين ڀت اڄ بہ موجود آهي، جيڪا ڪافي ڊگهي آهي، ان جي مٿان چڙهي نهاربو تہ هيٺ تمام وڏي خندق ڏسبي. ميان صاحب پنهنجو تختگاھہ گهر جي ڀرسان رکيو هو، جتي هينئر سندس مقبرو آهي. مقبري جي ڪاٺ جي چبوتري اندر کلندڙ دريءَ جا نشان بہ موجود آهن. روايتن مطابق ميان صاحب وفات ڪرڻ مھل وصيت ڪئي هئي تہ: ”مون کي منهنجي تخت گاھہ اندر دفن ڪيو وڃي“. جيڪا وصيت ميان نور محمد پوري ڪئي. مقبري اندر موجود ٽي قبرون ميان يار محمد ڪلهوڙي، سندس پٽ ميان محمد خان ۽ سندس پوٽي ميان محمد شفيع جون آهن. ميان يار محمد توڙي ميان محمد خان جي قبرن تي ڪو بہ ڪتبو لکيل نہ آهي، البته ميان محمد شفيع جي قبر تي قرآني آيتن سان گڏ سندس نالو ۽ وفات جو سن لکيل آهي. مقبري جي اڳيان ڪوٽ اندر ڪافي ننڍا ننڍا مقبرا ٺهيل آهن ۽ ڪافي قبرون بہ آهن. هڪ ننڍي چبوتري واري مقبري ۾ ميان يار محمد جون ٻہ گهر واريون دفن ٿيل آهن. جن مان هڪ محمد خان جي ماءُ ۽ ٻي ميان نور محمد جي ماءُ چيون وڃن ٿيون. ميان نور محمد ڏاڏي پوٽيءَ مان هو ۽ ميان محمد خان ٻيءَ ذات جي زال مان هو. تنهنڪري روايتن مطابق پڳ جو ڌڻي هن پنھنجي هوندي پنھنجي پٽ نور محمد کي مقرر ڪيو هو. ساڳئي وقت نور محمد، ميان يار محمد جو وڏو ۽ پهريون نمبر فرزند هو. مقبري جي اولھہ ۾ آخري اتر اولھہ ڪنڊ تي مرادياب جو مقبرو ٺهيل آهي. ٻاهران ڏکڻ ۾ ميان غلام حسين ۽ ٻين جا ننڍا ننڍا مقبرا ٺهيل آهن، پر تصديق نہ ٿي ٿئي.
اها سنڌ جي تاريخ جي بدقسمتي آهي تہ مغلن کان سنڌ واپس وٺندڙ ميان يار محمد ڪلهوڙي، مغلن جي رضامنديءَ ۽ اقتداري مصلحتن هيٺ زميندارن ۽ مير شھداد خان سان گڏ، وڏو لشڪر چاڙهي، ڇھن مهينن جي جنگ بعد قرآن پاڪ وچ ۾ ڏئي، دغا سان شاھہ عنايت شھيد جهوڪ واري کي شھيد ڪرايو هو. ان ڪري اڄ ڏينهن تائين جهوڪ جي درگاھہ تي ڪلهوڙن کي اچڻ نہ ڏيندا آهن.
موجودہ خداآباد شھر جي مڊل اسڪول وٽ ڪوٽن جا نشان اڄ بہ موجود آهن ۽ پويان ڪجهہ دڙن جا نشان آهن. ڪوٽ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ميان يار محمد اهو ننڍو محلات پنھنجي پٽ نور محمد لاءِ ٺهرايو هو. باقي دڙن لاءِ روايت آهي تہ اها ميان صاحب مينا بازار ٺهرائي هئي، جتي عورتون دڪانداري ۽ خريداري ڪنديون هيون، ٻاهران تحفظ لاءِ سپاھہ بيٺل هوندو هو. ڪنهن کي بہ بدامنيءَ جي جرئت نہ ٿيندي هئي.
موجودہ خداآباد شھر جي اوڀر ۾ مک رستي لڳ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ٺهرايل بادشاهي مسجد اڄ بہ سندس ياد تازي ڪريو بيٺي آهي. مسجد جي اڳيان هڪ عاليشان تلاءُ ٺهيل هو ، پر ان جون سرون ماڻهو پٽي کڻي ويا. تلاءَ کي نور واھہ جي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو ۽ تلاءَ جو خراب پاڻي وري ٻئي پاسي نور واھہ ۾ پوندو هو، جتان اڳتي وڃي نور واھہ ڦٽي ۾ ڇوڙ ڪندو هو. تلاءَ يا مسجد جي اتر ۾ ڪجهہ جاين جا ڦٽل نشان موجود آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو ميان صاحب جو ريسٽ هائوس هو، جتي نماز پڙهي اتي ڪجهہ وقت ويهي ٻاهرين ماڻهن سان ملاقات ڪندو هو ۽ اتي بہ ٻاهرين پرڳڻن جي ماڻهن کي ترسايو ويندو هو. ان جي ڀرسان گل شاھہ پير رکيل آهي، جنهن لاءِ روايت آهي تہ شاھہ ڀٽائيءَ جو همعصر هو. جنهن جي ميان صاحب ڏاڍي عزت ڪندو هو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جڏهن خدا آباد آيو هو تہ اتي هن بزرگ وٽ قيام ڪيو هئائين. مسجد جي ڏکڻ ۾هڪ بزرگ جي مزار آهي، جيڪو ذات جو قريشي هو. جنهن لاءِ روايت آهي تہ اهو ميان صاحب جي ٺهرايل بادشاهي مسجد جو پهريون پيش امام هو. ان جا پونير اڄ بہ مڱڻيجن جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. اتي هڪ عاليشان هاسٽل ٺهيل هوندي هئي، جتي مدرسي جا طالب علم رهندا هئا. مسجد ۾ هڪ عاليشان مدرسو هوندو هو، جتي ٻاهر جا شاگرد پڙهندا هئا. وڏا عالم ۽ بزرگ شاگردن کي فقھہ ۽ صرف و نحو کان سواءِ تاريخ، جاگرافي، فنون لطيفه، زراعت، فلڪيات وغيرہ جي تعليم ڏيندا هئا. هن مدرسي ۾ هڪ وڏي لائبريري هئي، جيڪا ميان نور محمد کي ورثي ۾ ملي هئي، جنهن کي نادر شاھہ ساڙائي ڇڏيو هو. خداآباد جي اتر اوڀر ڪنڊ تي دو آبي جو ڳوٺ آباد هو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي.
ميان يار محمد ڪلهوڙي 18 سال حڪومت ڪئي. ميان يار محمد پنھنجي حڪومت جي ارڙهن سالن دوران ڪافي عرصو جنگين ۾ گذاريو. گنجابه جي علائقي فتح ڪرڻ وقت بروهين جـي سـخـت مـخـالـفـت سـان مـنـهـن ڏيـڻو پـيس، جو دائودپوٽا اندورني طور بروهين جي مدد ڪـري رهيـا هـئا، ساڳئي وقت ميان صاحب جا ٻہ فرزند ميان ن ور محمد ۽ مـيان دائود خان قلات ۾ قـيـد هـئـا، ان ڪـري بکر ۽ سيوهڻ هٿ ڪرڻ کان پوءِ ميان جو سڄو زور سبي، ڍاڍر ۽ گنجابه تي هو تہ جيئن اهو علائقو فتح ڪجي. مـيـان يـار مـحـمد جـڏهـن گـنـجـابـه جـو عــلائـقـو فـتـح ڪـيـو تـه مـغـلـن سـنـدس طـاقـت کي تسليم ڪندي کيس ’خدا يار خان‘ جو لقب ڏنو. ميان يار محمد جي طاقت کي ڏسي دائود پوٽن کي بہ خطرو ٿيو ۽ مغلن کي التجا ڪيائون تہ سندن ميان يار محمد سان ٺاھہ ڪرايو وڃي، جنهن تي مغلن ميان يار محمد کي خط لکيو تہ اسان هيٺين شرطن تي اوهان کي ’خدا يار خان‘ جو لقب ڏيون ٿا: (1) پاڙيسرين ۽ اسان (مغلن) سان ڪابہ واعدي خلافي ۽ هٿ چراند نہ ڪبي (پاڙيسرين مان مراد دائود پوٽا ۽ ٺٽو سرڪار هئي). (2) عوام تي وڌ ۾ وڌ خرچ ڪيو وڃي ۽ اسان کي بہ خراج ملڻ کپي. (3) امن امان رکيو وڃي ۽ سرحدي لڪن جي حفاظت ڪئي وڃي. (4) سلطنت ايران جي هر خبر فوري طور مغل شاهي درٻار ۾ پهچائي وڃي. هوڏانهن بروهين، ميان جي اولاد کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون، پر گنجابه جي فتح کان پوءِ بروهين جا ڪيترا امير ۽ فوجي سپھہ سالار قيد ٿي خدا آباد پهتا ۽ ڪيترا اتي ئي قتل ڪيا ويا. گنجابه جو علائقو ميان صاحب پنھنجي ماتحت رکيو. باقي قيدين کي پٽن جي عيوض ۾ آزاد ڪرايائين. ميان يار محمد مغلن جا شرط قبول ڪيا، حالانڪ دائودپوٽن تي بروهين سان ساٿ ڏيڻ تي کيس سخت ڪاوڙ هئي. مغل ۽ ميان جي ٺاھہ دوران هڪ اهم واقعو ٿيو، جنهن تي مغل ڪاوڙجي پيا ۽ کانئس وضاحت طلب ڪيائون. هي واقعو تاريخ ۾ موجود آهي، پر ان جي ڪا بہ وضاحت نہ آهي. هڪ روايت مطابق ميان صاحب ميرڻ سولنگيءَ کي حڪم ڏنو هو تہ منڇر وٽ هڪ وڏو قلعو تعمير ڪيو وڃي. ميرڻ سولنگي ميان نصير محمد کان وٺي ڪلهوڙن جي وفادار ساٿين ۽ جنرل طور شمار ٿيندو هو. هن ميان يار محمد جي وفات کان ڪجهہ عرصو اڳ وفات ڪئي هئي. سندس مزار بہ منڇر ڍنڍ جي ڪپ وٽ سندس ٺهرايل قلعي جي ڀرسان آهي، جنهن تي گاجي شاھہ جي ميلي کانپوءِ ميلو لڳندو آهي.
ميرڻ سولنگي قلعي جو ڪم شروع ڪرايو تہ اها خبر مغلن کي دهليءَ ۾ پئي، مغلن حڪم موڪليو تہ قلعي جي تعمير جلد بند ڪرائي وڃي، جنهن تي ميان يار محمد مغلن کي جواب موڪليو تہ ميرڻ سولنگيءَ جو هو ضامن آهي. ان جواب تي مغل اطمينان ڪري ويهي رهيا ۽ وڌيڪ ڇيڙڇاڙ نہ ڪيائون. هن ڪوٽ کي ’ميرڻ ڪوٽ‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جا ڪافي نشان اڄ بہ موجود آهن. ميان يار محمد کانپوءِ ميان نور محمد تخت نشين ٿيو، سندس بھترين ساٿين مان فوجو فقير، گاجي شاھہ، شاھہ گودڙيو، ميرڻ سولنگي، جگو جمالي، بھليل شاھہ ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي وفات ڪري ويا، جن جي ڪري يار محمد اڪيلو ٿيندو ويو. ميان يار محمد وفات مھل پنھنجي پٽ نور محمد کي 30 صفحن تي هڪ وصيت نامو لکي ڏنو هو، جنهن ۾ طرز حڪومت کان وٺي رعيتي راڄ تائين طور طريقا لکيل هئا، جنهن تي ميان نور محمد عمل ڪيو، جنهنڪري هن ڪافي سال حڪومت ڪئي.
خداآباد جي تباهيءَ جو پهريون سبب اهو هو تہ ميان نور محمد جڏهن نادر شاھہ جي حملي کان ڊڄي يا بچاءَ خاطر عمرڪوٽ ويو تہ عوام ڪافي دل شڪستو ٿي، هن شھر کي الوداع ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ واپاري طبقو خاص هو ماڻهو نادر شاھہ جي ظلم جو اندازو دهليءَ جي ڪوس مان لڳائي چڪا هئا. ان ڪري عوام ۾ هراس پکڙجي ويو. وري جڏهن حاڪم گاديءَ جو هنڌ ڇڏي ٻئي پاسي ويو تہ ماڻهن ۾ فطري طور ڊپ ۽ هراس وڌي ويو، تنهنڪري ڪيترا واپاري، عالم فاضل ۽ عام ماڻهو هن شھر کي ڇڏي ٻين شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ وڻج واپار ڪيائون.
خدا آباد جي تباهيءَ جو ٻيو سبب هيءُ هو تہ ميان نور محمد کي گهڻيون زالون هيون، جيڪي مختلف ذاتين مان هيون، جنهنڪري سڀني پٽن جي پاڻ ۾ اڻ بڻت هئي، جيڪا تاريخن ۾ موجود آهي، جنهن جو اثر گاديءَ واري هنڌ خداآباد ۽ اتان جي عوام تي پوڻ شروع ٿيو. خود ميان نور محمد پنھنجي پياري زال ڏاهرياڻي جي چوڻ تي شاهپور جھانيان واري پاسي گاديءَ جو هنڌ بدلائڻ جو سوچيو، ۽ اتي قلعا ۽ ڪوٽ جوڙائڻ جو حڪم ڪڍيائين. ان جو نالو ’محمود آباد‘ رکيو ويو ۽ آخري وقت ۾ کيس دفن بہ اتي ئي ڪيو ويو. ميان نور محمد جي پٽن جي اڻ بڻت سبب هر پٽ پنهنجو مرڪز ٻئي هنڌ ڪرڻ پئي چاهيو. ڪڏهن محمود آباد پئي ڪيائون تہ ڪڏهن الھہ آباد تہ ڪڏهن خداآباد نئين، جيڪا هالا جي ڀرسان آهي، تنهنڪري هن شھر جي اصليت ختم ٿي وئي. آخر ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي خداآباد ضلعي دادوءَ واري گاديءَ واري هنڌ کي ختم ڪري موجودہ حيدرآباد کي پنهنجيءَ گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. اتي ڪچو ۽ پڪو قلعو جوڙايائين.
خدا آباد جي تباهيءَ جو ٽيون سبب اهو هو تہ جڏهن ميان عبدالنبي خان، مير بجار خان بلوچ کي قتل ڪرايو تہ ان باھہ جو بلوچن کي تاءُ آيو. ميان عبدالنبي پاڻ ڀڄي ويو ۽ بلوچن پنھنجي انتقام اجهائڻ لاءِ خداآباد کي باهيون ڏئي ساڙايو ۽ اتي قتل عام ڪرايو.
هن شھر جي تباهيءَ جو چوٿون سبب اهو آهي تہ آخري ڏينهن ۾ خداآباد ۽ ارد گرد تمام گهڻا ڳڙا وسيا، سخت ڳڙي سبب فصلن جي تباهي ٿي. موسم سانوڻيءَ جي هئي، ان ڪري درياھہ جي پاڻيءَ بند ٽوڙي وڌو ۽ نور واھہ کي بہ گهارو پيو، جنهن سبب عمارتون، ڪوٽ ۽ ڪنگرا ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ ڪافي ماڻهو ٻُڏي ويا، ڪافي ماڻهن ٻين هنڌن تي وڃي پناھہ ورتي ۽ اهڙيءَ طرح هي شھر پنهنجو ڪمال وڃائي ويٺو. اڄ صرف مسجد، مقبري، مائي ستي جتيءَ جي مقبري ۽ ڪوٽن جا ٿورا ٽڪرا سلامت آهن، باقي ٻيو سڀ ڪجهہ پٽ پئجي ويو آهي. کوھہ اڃا بہ سلامت آهن. مسجد واري تلاءَ جون سرون ماڻهو پٽي کڻي ويا، جاگيرن تي زوريءَ قبضا ڪيا ويا، جيڪي هينئر آباديءَ هيٺ آهن. اهڙيءَ طرح گاجي شاھہ جي تجويز تي ٺهرايل هي تاريخي شھر هڪ ويران علائقو لڳي رهيو آهي. هن شھر جو ڪو بہ ڌڻي سائين نہ آهي. مقبري ۽ مسجد جي حالت تمام خراب آهي، پر ان هوندي بہ هيءُ شھر اڄ بہ پنھنجي تاريخي حيثيت رکي ٿو. اڄڪلھہ مسجد جو گنبذ ڪري پيو آهي، جنهن کي سنڌ آرڪيالاجي کاتو مرمت ڪرائي رهيو آهي. مسجد کي چوڌاري ڀت بہ ڏياري وئي آهي.