خديجه مستور

خديجه مستور

خديجہ مستور

خديجہ مستور: اردوءَ جي مشھور ناول نگار ۽ افسانا نويس خديجہ مستور 12 ڊسمبر 1922ع تي لکنؤ ۾ جنم ورتو. هن اٺن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف پڙهي مڪمل ڪيو، ابتدائي تعليم گهر ۾ حاصل ڪيائين. 1936ع ڌاري اسڪول ۾ داخلا ورتائين. والد جي وفات کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل نہ ڪري سگهي. 1942ع کان باقاعدي افسانا لکڻ شروع ڪيائين. 1950ع ڌاري خديجہ مستور جي شادي ظھير بابر سان ٿي. سندس ناول ’آنگن‘ تمام گهڻو مشھور ۽ مقبول ٿيو. هن پنھنجي ناولن ۽ افسانن ۾ عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن کي گهڻو اجاگر ڪيو. ان کان سواءِ معاشري جي تبديلين تي بہ لکيو. سندس مشھور ڪتابن ۾ ’بوچهار‘، ’چند روز اور‘، ’تهک هارون‘، ’ٺنڊا پاني‘ وغيرہ شامل آهن. خديجہ مستور 26 جولاءِ 1982ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي. سندس آخري ناول ’زمين‘ سندس وفات کان پوءِ شايع ٿيو. سندس ڀيڻ هاجره مسرور بہ اردوءَ جي نامور ڪهاڻيڪار خاتون آهي. سنڌ جي اوائلي عورت اديبائن سندس ڪيترين لکڻين جو اثر ورتو.
خراج: اهو زرعي ٽيڪس، جيڪو غير مسلم مالڪن کان وصول ڪيو ويندو آهي. ان کي ’خراج‘ سڏيو ويندو آهي. اڳوڻي وقت ۾ هر ان زمين جو خراج وصول ڪيو ويندو هو، جنهن کي مسلمانن فتح ڪرڻ کان پوءِ غير مسلم مالڪن وٽ رهڻ ڏنو هجي، زرعي ٽيڪس بابت هڪ حديث آهي تہ جنهن زمين کي بارش سيراب ڪيو هجي، ان تي عشر لاڳو ٿيندو.
خراج وصول ڪرڻ جي ابتدا حضرت عمر فاروق رضہ جي زماني ۾ ٿي. حضرت عمر رضہ غير مسلم علائقا فتح ڪرڻ کان پوءِ صحابہ ڪرام جي مشوري سان خراج جي ابتدا ڪئي. ان کان پوءِ اها سنت جاريه بڻجي وئي ۽ جڏهن مسلمانن، غير مسلمن جا علائقا فتح ڪرڻ بعد زمين ٻيهر کين سپرد ڪئي تہ مٿن خراج عائد ڪيو ويو. عالمن زمين جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن. سڀ کان اڳ ڏٺو ويندو تہ زمين زرخيز آهي يا نه؛ پوک سٺي ٿيندي يا خراب. ان کان پوءِ اهو ڏٺو ويندو تہ پوک ڪيئن آهي ۽ آمدني ڪيتري ٿيندي. سڀ کان آخر ۾ پوک تي لاڳو خرچ ڏسبو هو. اهي ٽيئي ڳالهيون ڪنهن زمين تي خراج جي شرح لاڳو ڪرڻ وقت ذهن ۾ رکيون وينديون هيون. حضرت عمر رضہ کان پوءِ خراج انهن حڪومتن کان بہ وصول ٿيڻ لڳو، جيڪي طاقت ۾ ڪمزور هجن يا جن جو علائقو فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو هجي ۽ لڙائيءَ کان سواءِ صلح ڪيو وڃي. اهڙيءَ صورت ۾ صلح جي معاهدي ۾ خراج طور تي هڪ رقم جيڪا سالياني وصول ڪئي ويندي هئي، اها مقرر ڪري ڇڏيندا هئا. خراج مقرر ڪرڻ وقت هن ڳالھہ جو خيال رکڻ ضروري هوندو تہ خراج ڏيڻ واري کي غير ضروري تڪليف نہ پهچي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ جڏهن نادر شاھہ افشار سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سڀ مال ملڪيت تہ کنئي، پر مٿس ساليانو خراج هڪ لک ويھہ هزار روپيا مقرر ڪيو، ۽ نادر شاھہ کان سواءِ افغانستان جي بادشاھہ احمد شاھہ ابداليءَ بہ سنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽ ميان نور محمد تي ساليانو خراج مقرر ڪيو، جيڪو ميان نور محمد ادا ڪندو هو. ٽالپر بہ پنھنجي دؤر حڪومت ۾ افغان حڪمران ۽ راجا رنجيت سنگهہ کي مقرر ڪيل خراج ادا ڪندا هئا.


لفظ خديجہ مستورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.12  عيسوي

اردوءَ جي مشهور ناول نگار ۽ افسانا نويس خديجه مستور 12 ڊسمبر 1922ع تي لکنؤ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چچ پٽ سيلائج برهمڻ
مير ابوالمڪارم شهود سبزواري
اختر اديب
پير مولانا نثار احمد سرهندي
امداد علي اوڍو
جسڪاڻي مشتاق
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
سحر گل ڊاڪٽر
سليمان قاضي ڊاڪٽر
امير حيدر شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون