خميسو خان، استاد

خميسو خان، استاد

خميسو خان استاد

خميسو خان، استاد: استاد خميسو خان چانڊيو ڳوٺ لاکي چانڊئي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. هي فن جي دنيا ۾ جڏهن آيو تہ مڪمل طرح ان تي ڇانئجي ويو. کيس ڍولڪ وڄائڻ ۾ تمام سٺي مهارت حاصل هئي. هو شروع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي فنڪارن سان سنگت ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو، ائين آهستي آهستي پنھنجي فن سان ماڻهن کي متوجهه ڪندو ويو ۽ هر ننڍو توڙي وڏو فنڪار چاهيندو هو تہ ساڻس ڍولڪ تي سنگت استاد خميسو خان ئي ڪري. هو فقير صفت انسان سڀني سان نڀاءُ تہ ڪندو هو، پر هن جو وڌيڪ نڀاءُ جيجي وسائيءَ سان هيو. جيجي وسائي سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪارہ هئي ۽ هيءُ جيجي وسائيءَ سان ڍولڪ تي ساٿ ڏيندو هو ۽ پوءِ اهو ساٿ محبت ۾ تبديل ٿي، آخر شاديءَ جي مضبوط ٻنڌڻ تائين پهتو. توڙي جو استاد خميسي خان جي ان کان اڳ بہ پنھنجي خاندان مان شادي ٿيل هئي ۽ ٽي ٻار بہ هئس، پر هي ٻہ ڪلاڪار دليون جڏهن پاڻ ۾ مليون تہ هميشہ لاءِ هڪ ٿيڻ کانسواءِ رهي نہ سگهيون. جيجي کان علاوہ هن سنڌ جي ٻين مشھور فنڪارن عابدہ پروين، ڏني خاصخيلي، محبوب خاصخيلي، الهڏني جوڻيجي، حمزي خان ڀان ۽ ٻين سان بہ ڍولڪ وڄائي داد حاصل ڪيو. هن کي پنھنجي فن سان عشق هوندو هو ۽ هن ڪيترن ئي نوجوانن کي سکيا پڻ ڏني، جيڪي هن وقت تائين گهڻي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. استاد خميسي خان کي فن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. آخر ۾ شگر ۽ فالج جي بيماريءَ ۾ گهڻي عرصي تائين مبتلا رهڻ بعد مالي حالتون بهتر نہ هئڻ ڪري صحيح طريقي سان علاج نہ ڪرائي سگهيو. ويتر سرڪار طرفان مالي سهائتا نہ هئڻ ڪري سنڌ جي هن عظيم فنڪار 15 جنوري 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو