خواجه ميان عبدالحق: سنڌ جي مشهور بزرگ، عالم ۽ اهل الله، خواجه ميان عبدالحق جو تعلق درازا سان هو ۽ خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏني جو ٻيو فرزند هو. جنهن کي موراڳي سوائي به سڏيو ويندو هو. سندس جنم 1120هه مطابق 1708ع ۾ ٿيو. والد جي وفات کان پوءِ خواجه ميان عبدالحق درازن جي درگاهه جو مسند نشين ٿيو. هي سنڌ جي نامور صوفي شاعر سچل سرمست جو سڳو چاچو هو. خواجه عبدالحق ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ پنهنجي وقت جي مشهور عالمن کان سکيا ورتائين، هو عربي، فارسي، فقھ، حديث ۽ تفسير جو وڏو عارف هو. ڪيترا ماڻهو کانئس فيضياب ٿيا. خواجه عبدالحق فارسي ٻوليءَ جو قادر الڪلام شاعر به هو. هن سنڌيءَ ۾ به ڪجهه بيت چيا، جن ۾ روحاني رمزن کي واضح ڪري بيان ڪيو ويو آهي. سچل سرمست جي روحاني ۽ فڪري تربيت خواجه صاحب اهڙي ڪئي، جو سچل سرمست تصوف جون منزلون طئي ڪري بزرگيءَ ۽ ولايت جي منزل تي پهتو.
سچل سرمست کيس عقيدت مان ’مرشد‘ سڏيو آهي. جنهن جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ڪيترن هنڌن تي ڪيو آهي. فارسي توڙي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام ۾ خواجه صاحب سان سندس عقيدت جو رنگ ڏسي سگهجي ٿو.
خواجه عبدالحق 94 سالن جي ڄمار ۾ 1214هه مطابق 1799ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار سچل سرمست جي روضي ۾ آهي. خواجه صاحب جي مزار تي ڪتبو به سچل سائينءَ جو چيل آهي:
مرشد ڪامل حقيقت يار،
وارث دين احمد مختيار،
گو هر بحر انھ واحد،
ليس في الدار غيره ديار.
1214هه