خواجه احمد عباس

خواجه احمد عباس

خواجہ احمد عباس

خواجہ احمد عباس: نامور افسانہ نگار ۽ ناول نگار خواجہ احمد عباس 1914ع ڌاري پاڻي پٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس گهراڻو سياست ۾ گهڻي دلچسپي رکندو هو. هن جي شروعاتي تربيت سندس ناني خواجہ سجاد حسين ۽ چاچي غلام حسين ڪئي. خواجہ احمد عباس ابتدائي تعليم مسلم هاءِ اسڪول پاڻي پٽ مان حاصل ڪئي. 1930ع ۾ علي ڳڙھہ مسلم يونيورسٽيءَ مان بي اي ۽ ايل ايل بي ڪيائين. خواجہ احمد عباس هڪ سٺو افسانہ نگار، ناول نگار، ڊرامه نگار، ۽ اداڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس مشھور ناولن ۾: ’انقلاب‘، ’دو بوند پاني‘، ’بمبئي رات ڪي بانهون ۾‘، ’فاصلہ‘، ’بوبي‘، ’ميرا نام جوڪر‘ شامل آهن، جيڪي تمام گهڻو مشھور ٿيا. خواجہ احمد عباس افساني لکڻ ۾ بہ مهارت رکندو هو. سندس افسانن ۾ رومانيت ۽ جنسيت نظر اچي ٿي. خواجہ احمد عباس ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا، هن گهڻا ڊراما ”انڊين پيپلز ٿيٽر“ لاءِ لکيا. سندس مشھور ڊرامن ۾ ”يه امرت هي“ گهڻو مشھور ٿيو، ڪتابي صورت ۾ بہ شايع ٿيو. خواجہ عباس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون فلمن لاءِ بہ لکيون. ڪجهہ فلمون پروڊيوسر جي حيثيت ۾ بہ ٺاهيون. سندس مشھور فلمن ۾ ڌرتي ڪي لال، همارا گهر، منا وغيرہ شامل آهن. خواجہ احمد عباس گهڻي مصروف زندگي گذاري. زندگي جي آخري ٻن سالن ۾ فالج جي بيماري ۾ مبتلا رهيو ۽ سندس وفات پهرين جون 1987ع تي ٿي. خواجہ احمد عباس پنھنجي زندگيءَ ۾ 72 ڪتاب لکيا. هن پنھنجي وفات کان اڳ پنھنجي فلمن جو معاوضو ”سنسار ٽرسٽ“ جي نالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن نوان فنڪار ۽ نوجوان جيڪي فلمون ٺاهن ٿا انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. خواجہ احمد عباس جا ڪيترا ناول سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ٿي ڇپيا آهن.


لفظ خواجہ احمد عباسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو