خواجہ عبدالله جان عرف شاھہ آغا

خواجہ عبدالله جان عرف شاھہ آغا: خواجہ عبدالله جان، جنهن کي عرف عام ۾ شاھہ آغا سڏيو ويندو هو. سنڌ جي علم ۽ ادب جي مشھور سرزمين ٽکڙ جو هڪ وڏو عابد، زاهد ۽ وڏن جي روايتن جو امين فرد ٿي گذريو آهي. هن 20 ڊسمبر 1890ع تي ٽکڙ (ضلعي حيدرآباد) ۾ جنم ورتو. هن وقت ٽکڙ ضلعي، ٽنڊي محمد خان ۾ آهي. ابتدائي تعليم پنھنجي ڏاڏي خواجہ عبدالرحمان جان سرهنديءَ کان ورتائين. مولوي عبدالقيوم بختيارپوري، مولوي لعل محمد مٽياروي ۽ مخدوم حسن ﷲ پاٽائيءَ وٽان ديني علمن جي تعليم ورتائين. باقي علمن جي تحصيل مولوي خير محمد مگسي وٽ حاصل ڪيائين. پاڻ عربيءَ، فارسي ٻولين ۽ ديني علمن جو وڏو ڄاڻو هو. پنھنجي والد خواجہ محمد حسن جان سرهنديءَ کان پوءِ درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. پاڻ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جو مصنف ۽ مولف رهيو. خواجہ صاحب کي غلام صديق جان ،آغا غلام علي جان، مولانا غلام نبي جان ۽ آغا محمد سعيد جان نالي فرزند ٿيا.


لفظ خواجہ عبدالله جان عرف شاھہ آغاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.12.20  عيسوي

هن 20 ڊسمبر 1890ع تي ٽکڙ (ضلعي حيدرآباد) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فياض ڏاهري
دهلوي شاھہ غلام محمد
قمر النساءَ هڪڙو
چندناڻي ارجن (سي ارجن)
پيرزادو عبدالمجيب
شريف الملڪ
قاضي عبدالقيوم
چشتي مجاهد
جيجي زرينه بلوچ
ذوالفقار شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون