خواجہ عبدالله جان عرف شاھہ آغا: خواجہ عبدالله جان، جنهن کي عرف عام ۾ شاھہ آغا سڏيو ويندو هو. سنڌ جي علم ۽ ادب جي مشھور سرزمين ٽکڙ جو هڪ وڏو عابد، زاهد ۽ وڏن جي روايتن جو امين فرد ٿي گذريو آهي. هن 20 ڊسمبر 1890ع تي ٽکڙ (ضلعي حيدرآباد) ۾ جنم ورتو. هن وقت ٽکڙ ضلعي، ٽنڊي محمد خان ۾ آهي. ابتدائي تعليم پنھنجي ڏاڏي خواجہ عبدالرحمان جان سرهنديءَ کان ورتائين. مولوي عبدالقيوم بختيارپوري، مولوي لعل محمد مٽياروي ۽ مخدوم حسن ﷲ پاٽائيءَ وٽان ديني علمن جي تعليم ورتائين. باقي علمن جي تحصيل مولوي خير محمد مگسي وٽ حاصل ڪيائين. پاڻ عربيءَ، فارسي ٻولين ۽ ديني علمن جو وڏو ڄاڻو هو. پنھنجي والد خواجہ محمد حسن جان سرهنديءَ کان پوءِ درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. پاڻ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جو مصنف ۽ مولف رهيو. خواجہ صاحب کي غلام صديق جان ،آغا غلام علي جان، مولانا غلام نبي جان ۽ آغا محمد سعيد جان نالي فرزند ٿيا.
1890.12.20 عيسوي
هن 20 ڊسمبر 1890ع تي ٽکڙ (ضلعي حيدرآباد) ۾ جنم ورتو.