
خواجه غلام فريد

خواجه غلام فريد جو مقبرو
خواجہ غلام فريد: مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ خواجہ غلام فريد، 1261ھہ ڌاري سرائيڪي علائقي ڪوٺ مٺڻ (پنجاب) ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو خدا بخش ۽ لقب’محبوب الاهي‘ هو. سندس واسطو فاروقي خاندان سان هو. خواجہ فريد ابتدا کان ئي علم ۽ عرفان جو شائق هو. هن جي پوري خاندان جو لاڙو درويشيءَ طرف هو. خواجہ فخر الدين، خواجہ غلام فريد رحه جو ننڍو ڀاءُ بہ ڪماليت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، خواجہ فريد سندس ئي طالب ٿيو هو ۽ کانئس ئي قرآن مجيد، حديث، تفسير، فقھہ ۽ ٻين علمن: تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ گادي نشين ٿيو. سندس دستاربندي بھاولپور جي نواب صادق خان ڪئي. پنھنجي ڀاءُ خواجہ فخر الدين کي خواجہ فريد ، پنھنجي شاعريءَ ۾ وڏي عقيدت سان ڳايو آهي:
گهول گهتان مئن فخر جھان تئون، جنت حور قصور،
اکيان فخر الدين مٺل ديان، تن من ڪيتم چور.
جڏهن خواجہ فخرالدين 1288ع ڌاري رحلت ڪئي تہ سندس وڇوڙي جي غم ۾ خواجہ غلام فريد مديني شريف وڃي نڪتو، خيرپور ميرس ۾ درازا شريف وارن فاروقي فقيرن سان سندس وڏي اُنسيت هئي.خواجہ غلام فريد رحه سال 1319ھہ/1901ع ڌاري رحلت ڪئي. سندس آرام گاھہ ڪوٽ مٺڻ ۾ آهي. خواجہ صاحب جي شاعريءَ ۾ هجر فراق جون رقت آميز ڪيفيتون موجود آهن. سندس ڪلام جي مطالعي دوران ماڻهو ازخود دردگداز سان معمور ٿيو پوي.
خواجہ فريد رحه وحدة الوجود همه اوست جي وجد ۽ حال کي پنھنجي شاعريءَ ۾ وڏي وضاحت سان پيش ڪيو آهي. خواجہ فريد سرائڪيءَ ۽ سنڌي، جو زبردست شاعر ٿي گذريو آهي. خواجہ فريد نہ رڳو سرائيڪي علائقي، پر سنڌ ۾ بہ اوترو ئي مقبول آهي. سندس ڪلام عارفانہ ڪلامن جي سري هيٺ سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندا رهندا آهن. استاد منظور علي خان، عابدہ پروين کان وٺي هر وڏو ۽ ننڍو فنڪار خواجہ غلام فريد جو ڪلام عقيدت سان ڳائيندو آهي. خواجہ صاحب شاھہ لطيف ۽ سچل سرمست کان ڪافي متاثر هو. ديوان فريد ۽ ڪلام فريد ۾ اهڙيون ڪيتريون ڪافيون ملنديون، جن ۾ اهو اثر ظاهر آهي. خواجہ
غلام فريد وقت جو شاعر هو، هن انگريز اقتدار جي شاعريءَ ۾ مخالفت ڪندي چيو آهي تہ: ”پٽ انگريزِي ٿاڻي“. خواجہ غلام فريد جو ڪلام ’ميڏا عشق وي تون‘ پٺاڻي خان اهڙيءَ رقت ۽ عقيدت مان ڳاتو آهي، جو هيءُ ڪلام سنڌ ۽ هند جو مقبول ترين ڪلام بنجي پيو آهي.