خواجہ غلام محمد نقشبندي

خواجہ غلام محمد نقشبندي: خواجہ غلام محمد نقشبنديءَ جو تعلق بکر سان هو. پنھنجي دور جو نامور جيد عالم ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو غلام محمد ۽ لقب خواجہ حافظ هو. کيس عربي، فارسي، پنجابي ۽ اردو زبان تي عبور حاصل هو. هُو پهرين جامع مسجد قطب شاھہ بکر جو خطيب ٿي رهيو. ان بعد بکر ۾ هڪ ’جامع مسجد‘ ٺهرايائين. هن سيپٽمبر 1886ع ۾ مرڪزي عيدگاھہ بکر جو بنياد رکيو ۽ ان کي بادشاهي مسجد جي طرز تي تعمير ڪرايو. جامع مسجد ۽ عيدگاھہ سندس يادگار تعميرات ۾ شامل ٿين ٿيون. خواجہ غلام محمد، 14 ڊسمبر 1936ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مرڪزي قديمي عيدگاھہ بکر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.12.14  عيسوي

خواجه غلام محمد، 14 ڊسمبر 1936ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي امير بخش خان جوڻيجو
ادريس لغاري
راج ڪپور
آصفه ڀٽو زرداري
جروار نذير احمد ڊاڪٽر
سيد حاجي شاھہ
ستار زنگيجو
تلوڪ تلسياڻي
پير بخاري1
الھوسايو شيدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون