خواند مير: خواند مير، برصغيـر جـو نامور مورخ، اديب ۽ دانشور هو. سندس اصل نالو خواجه غياث الدين ولد هماد الدين هو ۽ هن880هه/ 1475ع ۾ هرات ۾ جنم ورتو. سندس والد همادالدين سمرقند جي امير سلطان محمود بن ابو سعيد تيموريءَ جو وزير هو. خواند مير ابتدائي تعليم هرات ۾ ئي ورتي. تعليم جي تحصيل بعد سندس علم جي هاڪ ٻڌي سلطان حسين، ميرزا بايقرا ۽ امير علي شير کي وقت به وقت پنهنجو مقرب خاص مقرر ڪيو، ان کانسواءِ بديع الزمان مرزا وٽ به وڏي عزت ۽ منزل ماڻيائين. خواند مير، هندستان ۾ ظهيرالدين بابر ۽ همايون مرزا جي درٻار سان منسلڪ رهيو. هن ڪافي ناياب ڪتاب لکيا، جن ۾:
(1) ’خلاصة الاخبار‘ (هي ڪتاب روضة الصفا جي نهج تي لکيل آهي.)،(2) ’دستور الوزراءِ‘ (هن ڪتاب ۾ ابتداءِ اسلام کان وٺي تيمورين جي سلطنت جي اختتام تائين اسلام جي وزيرن جو سربستو احوال قلمبند ٿيل آهي، اهو ناياب ڪتاب خواند مير 914هه/ 1508ع ۾ لکي پورو ڪيو)،(3) ’مڪارم الاخلاق‘ (هي ناياب ڪتاب خواند مير، علي شير جي سوانح بابت لکيو آهي)، (4) ’نامه نامي‘ (هي ڪتاب منشات جو مجموعو آهي)،(5) ’حبيب السير‘ (هي تصنيف تمام ناياب آهي، جنهن ۾ آدم جي پيدائش کان وٺي شاهه اسماعيل صفويءَ جي وفات يعني930هه/ 1523ع تائين جي تاريخ بيان ڪئي آهي). خواند مير جون سڀ تصنيفون شاهڪار آهن، پر ’حبيب السير‘ سڀ کان ناياب آهي. هن تصنيف ۾ سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ اديبن کان سواءِ سبزواري سيدن ۽ پوراني سيدن جو ذڪر به موجود آهي. جڏهن خواند مير هندستان پهتو، تڏهن ٻيهر ’حبيب السير‘ تي نظرثاني ڪيائين. هن دهليءَ ۾942هه/ 1555ع ۾ وفات ڪئي. سندس خاندان جي فرد، نامور شاعر ۽ تاريخدان مير ابوالبقا بهرور علي حسيني عريضي سبزواريءَ ’تاريخ چـراغ هـدايـت الـمـعـرف به بـهـرور شـاهـي‘ ڪـتـاب لـکـيـو هـو، جـيـڪـو شاهه عنايت شهيد جي شهادت واري واقعي جو پهريون ماخذ آهي