خوبسنگهہ ديوان

خوبسنگهہ ديوان: ناليواري سماجي ورڪر خوبسنگهہ ديوان جو جنم، پهرين ڊسمبر 1931ع تي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شروعاتي پنج درجا رتيديري ۾ پڙهيو ۽ پوءِ مئٽرڪ حيدرآباد مان ڪيائين. سٺو سماجي ڪارڪن هو، ڏکويلن جي مدد ڪرڻ عبادت سمجهندو هو. 1946ع واري ٻوڏ ۽ فسادن وقت رتيديري جي ماڻهن جي بنا ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي خدمت ڪيائين. ان ڪري ’مرکياڻي‘ قبيلي جي سردار کيس سونو ٻلو انعام ڏنو. ضلعي لاڙڪاڻي جي ان وقت جي ڪليڪٽر ايڇ. اي. جي ايٽڪن کيس اُنهيءَ سوني ٻلي سان گڏ وڏي رقم انعام طور، رتيديري لوڪل بورڊ آفيس ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ دوران مڃتا طور ڏني هئي. هو ورهاڱي کان پوءِ لڏي هندستان ويو.


لفظ خوبسنگهہ ديوانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.12.01  عيسوي

ناليواري سماجي ورڪر خوبسنگهه ديوان جو جنم، پهرين ڊسمبر 1931ع تي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير محمد پانڌياڻي
بخاري سيد محسن شاھہ
تارا چند شوقيرام
عبدالمالڪ خشڪ
استاد بيبو خان
ڀڳت سترامداس
جعفر خان جمالي
سنت وسڻ شاھہ
بدر سومرو
جتوئي غلام مجتبيٰ خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون