دائود شورو

دائود شورو: ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ۾ يوسف ميرڪ لکي ٿو تہ: ”ترخانن کانپوءِ مغلن جي دؤر ۾ مظفر خان معموريءَ واري دؤر ۾ خاصائي شورن جي ڳوٺ (موجودہ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ) ۾ دائود شوري جو راڄ هوندو هو. هي وڏو ويڙهاڪ ۽ مغلن جو دشمن هو. شورن، هوسڙن ۽ ملاحن جا بھادر جوان سندس گڏ هوندا هئا ۽ هي کُلي عام درياهن توڙي خشڪيءَ تي مغلن ۽ سندن دلالن جا ڌاڙا هڻندو هو. هڪ دفعي شمشير خان، مظفر خان ڏانهن مرزا دوست بيگ وسيلي گدرا ۽ ٻيو سامان موڪليو. انهيءَ سامان جون ٻيڙيون جيئن ئي خاصائي شورن جي ڳوٺ وٽ پهتيون تہ دائود خان شوري ۽ هوسڙن جي جوانن اچي ٻيڙين تي ڌاڙو هنيو ۽ سامان آڻيندڙن ۽ سندن سردار محبت چارڪ کي قتل ڪري ڇڏيائون. انهيءَ واقعي جي جڏهن مير ابوالبقا کي خبر پئي تہ هڪدم انهيءَ ڏينهن خاصائي شورن جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪيائين، پر دائود شورو پنهنجن ساٿين ۽ ڪٽنب سميت اتان نڪري چڪو هو، باقي جيڪي بچيل هئا، تن کي مير ابوالبقا قتل ڪري ڇڏيو. اها پهرين سيکت هئي، جيڪا مغلن طرفان شورن کي ملي، پر دائود شوري جي ڪاررواين ۾ ڪو بہ فرق نہ آيو ۽ پاڻ وڌيڪ زور شور سان ڌاڙا هڻڻ ۽ مغلن کي ستائڻ شروع ڪيائين. آخرڪار خوشم بيگ پنھنجي هڪ مائٽ شاھہ خواجہ کي دائود شوري کي سيکت ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو. هڪ ڏينهن شاھہ خواجہ لشڪر سوڌو اچي خاصائي شورن جي ڳوٺ تي ڪڙڪيو. گهڻائي شورا قتل ٿي ويا ۽ دائود شورو ڀڄي نڪتو، پر سندس زال، ٻار ۽ ڪجهہ ماڻهو گرفتار ٿي پيا، جن کي شاھہ خواجہ سيوهڻ وٺي آيو. دائود شورو پنھنجي زال کي پرائي قيد ۾ ڏسي عاجز ٿي پيو ۽ آخرڪار اهو شرط رکيائين تہ منهنجي زال ۽ ڪٽنب کي عزت سان آزاد ڪيو وڃي تہ آءٌ اچي گرفتاري پيش ڪندس. دائود شوري جي گرفتاريءَ کانپوءِ شورن جي ڄڻ چيلھہ ئي ڀڄي پئي.“
هن جهونجهار شخص بابت سنڌ جي قومي دانشور عبدالواحد آريسر پنھنجي ڪتاب ’سر ۾ سانجهي وير‘ ۾ ڪافي لکيو آهي.


لفظ دائود شوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو