دادا

دادا: هنديءَ ۾ دادا وڏي ڀاءُ کي سڏيندا آهن. اردوءَ ۾ دادا لفظ ڏاڏي لاءِ بہ ڪم ايندو آهي. منگول ٻوليءَ ۾ ’دادا‘ هڪ قَسَمُ آهي. رانچي (بھار) جي اورائون قبيلن ۾ دادا وڏي ڀاءُ کي چئبو آهي. ترڪستان جي ٻوليءَ ۾ بہ ’دادا‘ وڏي ڀاءُ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. هيءُ لفظ سنڌ ۾ ترڪن ۽ مغلن ذريعي پهتو. سنڌيءَ ۾ وڏي ڀاءُ کي ’ڀائو‘ بہ چئبو آهي، جيڪو مرهٽيءَ ۾ بہ رواج هيٺ آهي. ڪي هندو ٻار پيءُ کي بہ دادا چوندا هئا ۽ اڄ بہ چوندا آهن. ٿٻيٽ ۾ مڙهيءَ جي وڏي کي ’دادا‘ چئبو آهي، ان ڪري سنڌيءَ ۾ دادا جي صورت ڏاڏا، ڏاڏو آهي، يعني پيءُ جو پيءُ. اڄڪلھہ عام طور سنڌيءَ ۾ ڏاڏي کي بہ دادا چوندا آهن


لفظ داداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو