
نئون چوڪ دادو

تاج محل سئنيما دادو

سنڌ جي مشهورشاعر استاد بخاري جي مزار
دادو 1 (شھر): سنڌ جو مشھور تاريخي شھر. هن شھر جي آباد ٿيڻ بابت ڪن جـو خـيـال آهي تہ: (1) دادوءَ تي نالو سيد دادو شاھہ جي نالي پٺيان پيو. (2) دادو شاھہ جو ڳوٺ، دادو- موري روڊ جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ ٻُڍي لُنڊ جي اڀرندي طرف ڪچي جي ديھه چوئيءَ ۾ موجودہ شھر کان پنج ڪلوميٽر اڀرندي پاسي هو، جنھن کي درياھہ پائي وڃڻ بعد دادو شاھہ ڪوراين ۽ مستوين جي ڀر ۾ ڳوٺ ٻَڌايو، جيڪو ٿوري عرصي ۾ شھر جي صورت اختيار ڪري ويو. دادو شاھه جي وفات بعد اُهو ڳوٺ بہ درياھہ هيٺ اچي ويو. ان بعد دادو شاھہ جي پيڙهيءَ مان سيد جيئندل شاھہ ميرن جي آخري دور ۾ موجود دادو شھر واري جاءِ تي پنھنجي 50 ايڪڙ ٻني شھر لاءِ وقف ڪري ڳوٺ جي ماڻهن کي آباد ڪيو. جڏهن تہ سيد حسين شاھہ لڪياري ۽ الھنواز رڪڻائيءَ جي لکت ۽ راءِ موجب هي شھر جهنگل شاھہ ٻَڌايو، جنھن جي مزار دادو شھر ۾ آهي. هتي ميمڻ، قاضي ۽ هندن جون مختلف ذاتيون آباد هيون. ان کان پوءِ مسلمانن جون ٻيون مختلف ذاتيون شھر ۾ آباد ٿيون. سيد جيئندل شاھہ، چارڻن جي محلي اڳيان اوڏن کان هڪ ڪشادو ڪوٽ اڏايو. 1843ع ۾ انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڳل جنگ دوران شھر جي هندو توڙي مسلمان عورتن هن ڪوٽ ۾ پناھہ ورتي. 1858ع ڌاري صوبيدار سيتارام شھر جو انتظام سنڀالڻ لاءِ مقرر ٿيو، جنھن دادو شھر جي آباد ٿيڻ، ڪچي جي ڳوٺن جي ٻُڏي وڃڻ ۽ شھر جي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو. اُهو نسخو برٽش ميوزيم لائبرري، لنڊن ۾ موجود آهي.دادو شھر جي بازار جي منھن وٽ اڳي گهاڙي واھہ وهندو هو، جنھن تي پڪين سرن سان پُل ٻڌل هوندي هئي ۽ ان تان گذري بازار وڃبو هو. ان پل جي اترئين پاسي جتي هن وقت جڙيل شاھہ مارڪيٽ آهي، اُتي پڪين سرن سان تڙ هو ۽ منجهس ڏاڪڻيون پڻ لڳل هونديون هيون. ان تڙ تي شھر جون عورتون ڪپڙا ڌوئينديون هيون. پل جي ڏاکڻين پاسي مردن جي وهنجڻ لاءِ تڙ هوندوهو. ٻنهي تڙن کي پردي لاءِ ديوارون ڏنل هونديون هيون. عورتن واري تڙ کان ڪجهہ مٿڀرو نور واھہ بگهاڙيءَ ۾ پوندو هو، جنھن جا نشان انجنيئري- ڊاڪ بنگلن ۽ لوڪلبورڊ جي اوڀر ۾ آهن. گهاڙي واھہ، موجودہ تاج محل سئنيما ۽ اليڪٽرڪ پاور کان وهندو رندن جي گهرن جي پٺ وٽان هلندو، ابڙن جي محلي کان وڃي واڌو واھہ ۾ پوندو هو. بئراجن نڪرڻ کانپوءِ اڳوڻن واهن جي پيچ ختم ٿي وئي. دادو شھر ۾ ٻہ ڪوٽ هوندا هئا، جن مان هڪ ڪلهوڙن جي دؤر جو هو، جنھن ۾ سرڪاري ماڻهو حڪومت جو ڪاروهنوار هلائيندا هئا. اهو ڪوٽ ريلوي اسٽيشن دادوءَ وٽ هو، جنھن کي مسمار ڪري ريلوي اسٽيشن ٺاهي وئي. ٻيو ڪوٽ سيدن جو هوندو هو، جيڪو سيد جيئندل شاھہ جوڙايو، جنھن ۾ ڪنھن جنگ يا مشڪلات سبب مسلمان توڙي هندو عورتون پناھہ وٺنديون هيون. انگريزن 1889ع ڌاري دادو، ڪوٽڙي ۽ رُڪ اسٽيشن تائين ريلوي لائين وڇائي، جيڪو منصوبو 1854ع ۾ انگلنڊ جي سرمائيدارن پنجن لکن جي موڙيءَ سان هڪ ڪمپنيءَ جي معرفت جوڙيو هو، جنھن تي 1885ع کان ڪم شروع ٿيو. 1889ع تائين ڪوٽڙي ۽ دادوءَ کان رُڪ تائين ۽ پوءِ ڪوئيٽا تائين ريل وڇائڻ جو هي منصوبو 1900ع ۾ مڪمل ٿيو. 1901ع ۾ دادو ڪئنال جڙيو، جيڪو 1931ع ۾ ٺھي راس ٿيو ۽ 1932ع کان وهڻ شروع ٿيو. دادو ضلعو 1931ع ۾ ڪراچي ضلعي کان ڌار ٿي، جدا ضلعو بڻيو. 1933ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ قائم ٿيو، جنھن جا ترتيب وار هيٺيان صدر رھيا: سردار محمد بھادر ڪلهوڙو (18 اپريل 1933ع کان 9 مارچ 1935ع تائين) خانبھادر يار محمد ڪلهوڙو (18 اپريل 1935ع کان 1 مارچ 1937ع تائين) نجم الدين آخوند (1 اپريل 1936ع کان 3 جون 1938ع تائين) محمد پريل ڪلهوڙو (1 جولاءِ 1938ع کان 20 اپريل 1941ع تائين) سيد گل محمد شاھہ سيوهاڻي (21 جنوري 1941ع کان 31 آڪٽوبر 1946ع تائين) مسٽر ميٺارام (1 نومبر 1946ع کان 31 ڊسمبر 1946ع تائين) سيد گل محمد شاھہ (1 جنوري 1947ع کان 30 سيپٽمبر 1954ع تائين) رئيس عبدالحميد جتوئي (1 آڪٽوبر 1954ع کان 22 نومبر 1954ع تائين) شاھہ محمد شيخ (ائڊمنسٽريٽر، 23 نومبر 1954ع کان 24 نومبر 1954ع تائين) سيد قطب علي شاھہ (25 نومبر 1954ع کان 26 جنوري 1956ع تائين) شفيع محمد سھتو (27 جنوري 1955ع کان 31 مارچ 1955ع تائين) غلام عمر صديقي (1 اپريل 1955ع کان 3 سيپٽمبر 1955ع تائين) دادو ميونسپالٽي آفيس 1952ع ۾ ٺھي. دادو شھر ۾ محلي ڇاڻي (شاھہ آباد) لڳ نئون بس اسٽاپ 1978ع ۾ تعمير ٿيو. دادو شھر جا ڪجهہ مشھور پاڙا هن ريت آهن: (1) شاهاڻي پاڙو- موندر جي شھواڻي هندن جي نالي سان سڏجي ٿو، (2) جڳت آباد محلو راءِ بھادر جڳت سنگهہ (ان دؤر جي ڪليڪٽر) جي نالي سان سڏجي ٿو. (3) جڙيل شاھہ مارڪيٽ، جڙيل شاھہ جي نالي سان قـائـم آهـي، (4) نـظـام بازار، نظام الدين ميمڻ جي نالي پٺيان موجود آهي، (5) نئون چوڪ، جيڪو 1955ع کان پوءِ ٺھيو، ۽ (6) مکي بازار، هن بازار ۾ موجودہ سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ وٽ ڪنھن وقت ليلي مل جي مشھور هوٽل هوندي هئي. انگريزن جي دؤر ۾ سيال- مورو روڊ تي هڪ قبائين مسجد موجود هئي، جتي وڏي تعداد ۾ هندو رهندا هئا، جيڪي ورهاڱي بعد ڀارت هليا ويا ۽ سندن جاءِ اردو ڳالهائيندڙن اچي والاري، جن اُتي هڪ وڏي مسجد جوڙائي آهي، اها پنجابين واري مسجد سڏجي ٿي. دادو شھر جي ڪني پاڻيءَ واري کڏ واري هنڌ پھرين صاف پاڻيءَ جو ڇڇ هوندو هو. دادو شھر ۾ پھرئين پرائمري اسڪول جو بنياد 1886ع ڌاري پيو. ٻيو اسڪول 1908ع ۾ ۽ ٽيون مئن اسڪول 1916ع ڌاري قائم ٿيو. 1950ع ڌاري دادو شھر ۾ پير غلام مجدد سرهنديءَ جي سرپرستيءَ ۾ مدرسہ انوار العلوم قائم ٿيو، جنھن ۾ وڏن عالمن جي سرپرستيءَ هيٺ ديني تعليم عروج تي پھتي. ان کان پوءِ 1955ع ۾ دادو جي بٺ محلي ۾ امير محمد شاھہ'>سيد امير محمد شاھہ (اميناڻين وارو) جي سرپرستيءَ هيٺ مدرسہ شمس العلوم قائم ٿيو، جنھن ۾ قرآن مجيد، حديث، فقھ، منطق، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. 1956ع ۾ هن مدرسي کي سرڪاري انتظام هيٺ وٺي اتي پرائمري تعليم جو بندوبست ڪيو ويو. دادو سول اسپتال جي پيڙھہ جو پٿر 16 مارچ 1940ع تي ليڊي گراهم (سنڌ جي اڳوڻي گورنر جي زال) رکيو هو. دادوءَ ۾ شروع ۾ سيد، ميمڻ، قاضي ۽ هندن جون مختلف ذاتيون رهنديون هيون، سيد اڪثر زميندار هئا. دادوءَ ۾ هڪ جانورن جي اسپتال بہ آهي، جڏهن تہ ڪيترا پرائمري اسڪول، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۽ پرمانند هاير سيڪنڊري اسڪول، اُستاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس، علامہ آءِ. آءِ. قاضي لائبرري دادو ۽ ڪيترا نجي تعليمي ادارا موجود آهن. سنڌ جو مشھور عوامي شاعر استاد بخاري ۽ سندس ڀاءُ مشھور آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاھہ بخاري بہ دادوءَ جي غريب آباد محلي جا رهندڙ هئا. مشھور آرڪيالاجسٽ تاج صحرائي، مشھور سياستدان پير الاهي بخش (مرحوم)، پير مظھرالحق، شفيع محمد ميمڻ، ڪلثوم چانڊيو، سجيلا لغاري، رشيده پنھور، سورٺ ٿيٻو، مشھور قانوندان علي احمد قريشي، محقق ۽ ڊراما نويس محمد عثمان ميمڻ، هوميوپيٿي ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ، لوڪ ادب جو ڄاڻو احمد خان سھاڳ، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، علي دوست عاجز، مشھور تاريخدان ابوبڪر مگسي، پروفيسر خان مگسي'>عبدالله خان مگسي، عربيءَ جو عالم محمد سليمان ’صدائي‘، ڊاڪٽر لياقت مگسي، استاد ۽ مشھور مترجم سليم سولنگي، نوجوان اديب ۽ صحافي عادل سخيراڻي، نور گهلو، محمد صالح ميمڻ، وزير منگي، تابش بخاري، عاشق دادوي، بشير سيتائي، شاعر اطھر منگي، ڪھاڻيڪار مشتاق ڀرڳڙي، قومي ورڪر شوڪت سنڌي، شاگرد اڳواڻ مصطفيٰ جانوري ۽ ٻين ڪيترن ئي مشھور شخصيتن جو تعلق هن شھر سان رهيو آهي. ان کان سواءِ مشھور راڳي منظور سخيراڻي، اڪبر بروهي، ٻالڪ سنڌي، سرور سخيراڻي، بخشل شاهاڻي، خادم سخيراڻي، احمد ميمڻ، مزاحيہ فنڪار منان عباسي، رشيد چارڻ سميت ڪيترن ئي فنڪارن ۽ آرٽسٽن جو تعلق بہ هن شھر سان آهي. دادو 2 (ضلعو): حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو، جيڪو 1931ع ۾ ڪراچي ضلعي کان ڌار ٿي، جدا ضلعو بڻيو. هن ضلعي جو صدر مقام دادو شھر آهي. هي ضلعو چئن تعلقن: دادو، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھہ ۽ جوهيءَ تي مشمل آهي. دادو تعلقو پڻ آهي.2017ع جي انگن اکرن موجب دادو ضلعي جي آبادي 1,550.390 ۽ خواندگيءَ جي شرح 47.26 سيڪڙو آهي. هي ضلعو زراعت، ماهيگيري، صنعت ۽ تجارت جي لحاظ کان سٺي حيثيت رکي ٿو. دادو ضلعي ۾ سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائيندڙ گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، جڏهن تہ ڪجهہ بلوچي ۽ اردو ڳالهائيندڙ بہ آباديءَ ۾ شامل آهن. دادو ضلعو معدنيات جي حوالي سان بہ شاهوڪار آهي. هتي گيھھ،کنڊ ۽ چانورن جا ڪارخانا بہ قائم آهن. سخت گرمي ۽ سخت سيءَ پوڻ سبب هن ضلعي جي زرعي پيداوار ڪجهہ متاثر ٿئي ٿي. هتي ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، ڪپھه، جوئر، ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل ٿين ٿا. ضلعي جي مشھور سياحتي ماڳن ۾: گورک هل اسٽيشن، منڇر ڍنڍ شامل آهن. جڏهن تہ ميان يار محمد ڪلهوڙي، ميان نصير محمد ڪلهوڙي ۽ مخدوم بلاول جا مقبرا بہ هن ضلعي ۾ آهن. ضلعي ۾ پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، ايليمينٽري اسڪول، سيڪنڊري اسڪول، هاير سيڪنڊري اسڪول، ڪاليج، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ هنري سکيا جا ادارا بہ قائم آهن. طبي سھوليتن جي سلسلي ۾ ضلعي ۾ هڪ سول اسپتال، تعلقي اسپتالون، ڊسپينسريون، بنيادي صحت جا مرڪز، ٽي. بي جي علاج جون اسپتالون، آباديءَ جي ڀلائيءَ وارا مرڪز ۽ جانورن جون اسپتالون قائم آهن. ضلعي ۾ هڪ ضلعي ڪائونسل ۽ 66 يونين ڪائونسلون واقع آهن. دادو ضلعو 97.49 سيڪڙو مسلم آبادي رکندڙ آهي، جڏهن تہ 2.05 سيڪڙو هندو آبادي ۽ ڪجهہ تعداد عيسائي برادريءَ جو بہ رهي ٿو. دادو ضلعو روڊ ۽ ريلوي ذريعي سموري ملڪ سان ڳنڍيل آهي. هتي 1713 ڪلو ميٽر پڪا روڊ ٺاهيل آهن.