دبئي

دبئي

دبئي

دبئي

دبئي

دبئي (Dubai): گڏيل عرب امارات جو مشھور شھر دبئي، ايراني نار (Persian Gulf) جي ڏکڻ ۾ عربي اُپٻيٽ (Arabian Peninsula) تي واقع آهي. دبئي گڏيل عرب امارات جي سڀني رياستن کان ايراضيءَ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي وڏي رياست آهي.
دبئيءَ جو اصل لفظ ڪٿان اخذ ٿيو، ان متعلق ڪيترائي رايا آهن. ڪي لسانيات جا ماهر ۽ مؤرخ ان کي عربيءَ مان نڪتل چون ٿا تہ ڪي وري فارسيءَ مان نڪتل سمجهن ٿا. نامياري محقق ’فيڊرل هئنڊل‘ مطابق ’دبئي‘ لفظ ’دبا‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’لُڻڻ‘. مشھور شاعر ۽ عالم ’احمد محمد عبيد‘ بہ سندس ڳالھہ سان متفق آهي، پر هو ان لفظ جي متبادل معنيٰ ’مڪڙ‘ ٻڌائي ٿو.
دبئيءَ جا اصل رهاڪو ڪير هئا ۽ ڪٿان کان اچي اُتي آباد ٿيا هئا، ان بابت ڪا مستند ڄاڻ نہ آهي، پر هتي جا ڪجهہ قديم شھر اوڀر ۽ اولھہ سان تجارت ڪندا هئا. هتان اسلام کان اڳ جون مٽيءَ مان ٺهيل شيون بہ دريافت ڪيون ويون آهن، جيڪي 3 کان 4 صديءَ اڳ جون لڳن ٿيون. هتي جا ماڻهو اسلام نافذ ٿيڻ کان اڳ ’باجَرَ‘ جي پوڄا ڪندا هئا. تنهن دؤر ۾ هن خطي تي ساسانين جو قبضو هو. ان کانپوءِ اُموي خلافت جي دؤر ۾ ساسانين کي هتان ڌڪي ڪڍيو ويو. اڄ بہ اموي خلافت جي دؤر حڪومت جا ڪجهہ عنصر دبئيءَ جي عجائب گهرن ۾ ملن ٿا. 1799ع ڌاري هتي دبئيءَ نالي هڪ ننڍو ڳوٺ آباد هو، جنهن کانپوءِ اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ دبئيءَ جو بنياد ’بني يَسِڪلان‘ قبيلي وڌو.
ان دؤر ۾ دبئي هر معاملي ۾ ابوظهبيءَ تي ڀاڙيندو هو. جنهن کانپوءِ آهستي آهستي دبئي ترقيءَ ڏانهن قدم وڌايا. ايراني سرحد ويجهي هئڻ سبب دبئيءَ کي وڏي اهميت حاصل ٿي ۽ هتي ٻاهرين سيڙپڪاري وڌي. 1930ع تائين دبئيءَ کي موتين جي تجارت جي ڪري ڄاتو ويندو هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ اها صنعت تقريباً تباھہ ٿي وئي، جنهنڪري دبئي شھر ٻيهر معاشي طور پُٺتي پئجي ويو.گهڻن سالن جي ڪوشش کانپوءِ 1971ع ڌاري دبئيءَ ۾ تيل دريافت ٿيو، جنهنڪري هڪ دفعو ٻيهر هتي ٻاهرين سيڙپڪارن دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. 2 ڊسمبر 1971ع تي دبئي، ابوظهبيءَ ۽ عرب امارات جي ٻين پنجن رياستن سان گڏجي، گڏيل عرب امارات جو بنياد وڌو. 1973ع ۾ دبئي عرب امارات جي ٻين رياستن سان گڏجي هڪ گڏيل سڪو بہ متعارف ڪرايو، جنهن کي UAE Dirham چيو ويو. 1990ع ڌاري گلف جنگ (Gulf War) سبب هڪ دفعو ٻيهر دبئيءَ کي اقتصادي حوالي سان نقصان پهتو. سبب اهو هو تہ ڪشيدہ حالتن سبب ٻاهرين سيڙپڪاري رڪجي وئي. بعد ۾ جڏهن جنگ بند ٿي تہ دبئي جلدي انهن مسئلن مان نجات حاصل ڪري پنھنجي حالت کي مستحڪم بنائڻ شروع ڪيو.
دبئيءَ جون سرحدون ڏکڻ ۾ ابوظهبي، اتر اوڀر ۾ شارجا ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ’سلطنت اومان‘ سان ملن ٿيون. دبئي در حقيقت عربي ريگستان ۾ آهي ۽ اتر ۾ ’هجر جبلن‘ جو پهاڙي سلسلو اٿس، جيڪو دبئيءَ جي ’اومان واري سرحد‘ سان وڃي لڳي ٿو. هتي ڪي بہ فطري نديون نہ آهي، گهڻي ڀاڱي واريءَ جا دڙا آهن. هتي جي آبهوا سخت گرم، خشڪ ۽ سياري ۾ بہ تقريباً ايترو سيءُ نہ پوندو آهي. اڄڪلھہ دبئـي هڪ عالمي تجارتي مرڪز آهي. دبئي جي معاشي ترقيءَ جو انحصار تيل جي صنعت، سير ۽ سياحت (Tourism) ملڪيت جي خريد و فروخت (Real Estate) تي آهي. دبئيءَ جي حڪومت هڪ آئيني بادشاهت واري طرز جي آهي، جتي 1833ع کان وٺي المختوم خاندان جي حڪومت هلندي پئي اچي. هتي جو موجودہ حڪمران ’شيخ محمد بن راشد المختوم‘ آهي، جيڪو گڏيل عرب اماراتن جو وزيراعظم ۽ نائب صدر آهي. هو گڏيل عرب امارات جي سپريم ڪائونسل جو ميمبر بہ آهي.
1954ع ۾ دبئيءَ جي حڪمران راشد بن سعيد المختوم ’شھر کي منظم طريقي سان ٻڌڻ لاءِ دبئي ميونسپالٽيءَ جو بنياد رکيو، ان کانسواءِ 1956ع ڌاري ’نائف‘ جي آسپاس دبئيپوليس فورسز‘ جو پڻ بنياد پيو. گڏيل عرب امارات جي آئين جي آرٽيڪل نمبر 25 ۾ اهو واضح آهي تہ ڪنهن بہ شهريءَ سان سندس ذات، قوميت، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ورتاءُ نہ ڪيو ويندو ۽ سڀني شهرين کي يڪسان حق حاصل هوندا.
2009ع جي آدمشماريءَ مطابق دبئيءَ جي آبادي 1771000 آهي، جنهن ۾ اڌ آبادي هندستانين جي آهي. هي دنيا جو ويهون نمبر مهانگو شھر آهي ۽ ان جو سڀ کان وڏو تجارتي ڀائيوار هندستان آهي. ٻاهريون ناڻو ڪمائڻ لاءِ دبئي حڪومت سير ۽ تفريح (Tourism) کي وڌائي رهي آهي. هتي جون اڏاوتون تعميراتي فن جو شاهڪار آهن. 2008ع ڌاري هتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ’برج خُليفا‘ پڻ ٺھي راس ٿي، جيڪا 154 ماڙ آهي ۽ 829.84 (تقريباً 830) ميٽرن جي بلنديءَ تي آهي. هتي جو مشھور هوٽل ’برج العرب‘ آهي.
دبئيءَ ۾ تعميري فن، ثقافت، موسيقي، رسم رواج، ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي راندين جا عالمي مقابلا ٿيندا رهن ٿا، جيڪي هتي جي عوام ۾ گهڻو مقبول آهن. هتي جي پوشاڪ ۾ رواجي ڪپڙن کانسواءِ مغربي جهلڪ عام نظر اچي ٿي. کاڌي ۾ فاسٽ فوڊ، چائينز ۽ ڏکڻ ايشيا جا کاڌا گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا.


لفظ دبئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو