دخـمو
دخـمو (Dakhma): دخمو، اويستا ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ’ماٺ جو منارو‘ (Tower of Silence) آهي. دخمو، سِرن يا پٿرن جو ٺهيل هڪ منارو ٿئي ٿو، جيڪو کوهه جي شڪل جو هوندو آهي، جنهن جي مٿان لوهي سيخن جي ڄاري لڳل هوندي آهي، جنهن تي پارسي مذهب وارا پنهنجا مُڙدا رکندا آهن. دخما ڪنهن مٿانهين جاءِ يا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اڏيا ويندا آهن. دخمو 25 فوٽ اوچو ٿيندو آهي. اُن تان ڳجهون، سرڻيون، ڪانوَ ۽ ٻيا پکي مُڙدن جو گوشت کائي ڇڏيندا آهن ۽ هڏا اُن کوهه نما مينار جي تري ۾ وڃي گڏ ٿيندا آهن. پارسي مذهب وارا لاش کي پورڻ يا ساڙڻ کي گناهه سمجهندا آهن. ايران ۽ ڀارت کان سواءِ سنڌ ۾ ان قسم جا دخما ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ موجود آهن، جن کي ’آگياري‘ به چون ٿا. (ڏسو: آگياري، جلد پهريون)