ڄاري

ڄاري

ڄاري

ڄاري: ڄاري مهندسي (Geometrical) نموني سان ڪنهن پٿر جي سر، ڌاتوءَ جي چادر يا تار يا ڪاٺ جي تختيءَ کي ڪنهن تکي اوزار سان ڪَپي ڪوري، مختلف شڪليون ڏئي، سجاوٽ ۽ هوا لاءِ ڳڙکا ٺاهي جوڙي ويندي آهي. ڄاريون عمارتن جي سونهن ۾ اضافي سان گڏ هوا جي گذر جو ذريعو هونديون آهن. قديم عمارتن کان وٺي جديد عمارتي فن تائين ڄاري عمارتسازيءَ ۾ پنهنجو خاص مقام رکي ٿي. سنڌ ۾ ڄاريءَ جا ڪيترائي نمونا ملن ٿا، جيئن: چنبيلي ڄاري، چوماسي ڄاري، ڇهه ماسي ڄاري، اٺ ماسي ڄاري ۽ گلن واري ڄاري وغيره. اڳي ڪاريگر مختلف اوزان سان ڄاريون، ڪاٺ، پٿر يا پڪين سرن کي گهڙي ٺاهيندا هئا، پر هاڻي سيمينٽ، بجريءَ ۽ واريءَ کي هڪ خاص نسبت سان گڏائي ڪارب ذريعي ڄاريون ٺاهيون وڃن ٿيون.
ان کانسواءِ ڄاري سنهڙن سوراخن واري ڪپڙي يا ٻئي ڪنهن شيءِ جي به ٿيندي آهي، جيئن مڇرن لاءِ ڪپڙي جي ڄاري، درين تي لڳل لوهه يا پلاسٽڪ مان ٺهيل ڄاريون وغيره.


لفظ ڄاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو