درازا سچل سرمست جي روضي جوڏيک

درازا سچل سرمست جي روضي جوڏيک

درازا

درازا (شھر): سنڌ جو تاريخي شھر درازا، ضلعي خيرپور ميرس، تعلقي گنبٽ ۾ سپر هاءِ. وي سان لڳولڳ اولھہ ۾ واقع آهي. هن شھر کي سنڌ جي اهم ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جي نسبت سان نهايت اهم مقام حاصل آهي. هن شھر ۾ صدين کان درازي صوفي بزرگن جي گادي هلندي پئي اچي. درازي درويشن جو مورث اعليٰ ميان شھاب الدين 92ھہ ۾ عراق مان سنڌ ۾ آيو، جنهن جي خاندان جي پهرئين پيڙهيءَ جي نهايت اهم بزرگ ميان محمد جي اولاد مان ميان نورالدين جا ٻہ فرزند ميان ابو سعيد ۽ ميان بدرالدين 665ھہ ڌاري سيوهڻ مان لڏي اچي گاگن جي پرڳڻي تعلقي گمبٽ جي موجودہ شھر درازا ۾ مقيم ٿيا. درازن جي درگاھہ جو باني ميان صاحب ڏنو موراڳي هو، جنهن شاھہ عبدالله جيلانيءَ کان فيض ورتو.
هن شھر کي صوفياڻي تعليم جي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي آهي، جتان درازي بزرگن سموريءَ سنڌ جي صوفي فڪر بابت مرڪزيت جو ڪردار ادا ڪيو. دارازا شريف ۾ ميان ابو سعيد ’صاحبڏني‘ پاران درگاھہ جو بنيـاد وجهـڻ بعد ترتيبوار هيٺيان بزرگ گادي نشين ٿيا: ’ميان عبدالحق‘
(1213ھہ/ 1798ع- 1120ھہ/ 1708ع)، ’ميان قبول محمد‘ (وفات: 1245ھہ/1809ع)، ’ميان نظر محمد‘ (1252ھہ/ 1836ع- 1201ھہ/ 1786ع)، ’ميان نجم الدين‘ (1272ھہ/1855ع- 1239ھہ/ 1823ع)، ’ميان قبول محمد ثاني‘
(1343ھہ/ 1924ع - 1261ھہ/ 1845ع)، ’ميان صاحبڏنو ثاني‘ (1350ھہ/ 1931ع- 1307ھہ/ 1889ع)، ’ميان قبول محمد ثالث‘ (1232ھہ/ 1816ع- 1371ھہ/ 1951ع)، ’ميان عبدالحق ثاني‘ (1952ع) ۽ ’تـاجـپـوش‘، ’سخـي قبول محمد فاروقي‘ ۽ ’سچل سرمست‘ (1241ھہ/ 1826ع- 1152ھہ/ 1739ع) درگاھہ جو خليفو رهيو، جيڪو بہ وٽس مريد ٿيڻ لاءِ ايندو هو تہ پاڻ ان کي ميان عبدالحق يا سخي قبول محمد وٽ وٺي ويندو هو.
اوائلي وقت ۾ درازا هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن وقت هتي هڪ وسيع شھر ٻڌجي ويو آهي. هتي درازي بزرگن جي مزارن سميت سچل سرمست جو روضو واقع آهي، جتي هر سال عرس جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ محفل سماع سميت ادبي ڪانفرنس بہ ٿيندي آهي. مشھور راڳي سهراب فقير هن درگاھہ جي خاص راڳين مان ٿي گذريو آهي. تازو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، سچل سرمست جي درگاھہ جي مرمت ۽ تجديد ڪئي آهي ۽ سچل ڪامپليڪس تيار ڪرايو آهي، جتي هر سال ڪانفرنس ٿيندي آهي.
(شھر): سنڌ جو تاريخي شھر درازا، ضلعي خيرپور ميرس، تعلقي گنبٽ ۾ سپر هاءِ. وي سان لڳولڳ اولھہ ۾ واقع آهي. هن شھر کي سنڌ جي اهم ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جي نسبت سان نهايت اهم مقام حاصل آهي. هن شھر ۾ صدين کان درازي صوفي بزرگن جي گادي هلندي پئي اچي. درازي درويشن جو مورث اعليٰ ميان شھاب الدين 92ھہ ۾ عراق مان سنڌ ۾ آيو، جنهن جي خاندان جي پهرئين پيڙهيءَ جي نهايت اهم بزرگ ميان محمد جي اولاد مان ميان نورالدين جا ٻہ فرزند ميان ابو سعيد ۽ ميان بدرالدين 665ھہ ڌاري سيوهڻ مان لڏي اچي گاگن جي پرڳڻي تعلقي گمبٽ جي موجودہ شھر درازا ۾ مقيم ٿيا. درازن جي درگاھہ جو باني ميان صاحب ڏنو موراڳي هو، جنهن شاھہ عبدالله جيلانيءَ کان فيض ورتو.
هن شھر کي صوفياڻي تعليم جي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي آهي، جتان درازي بزرگن سموريءَ سنڌ جي صوفي فڪر بابت مرڪزيت جو ڪردار ادا ڪيو. دارازا شريف ۾ ميان ابو سعيد ’صاحبڏني‘ پاران درگاھہ جو بنيـاد وجهـڻ بعد ترتيبوار هيٺيان بزرگ گادي نشين ٿيا: ’ميان عبدالحق‘
(1213ھہ/ 1798ع- 1120ھہ/ 1708ع)، ’ميان قبول محمد‘ (وفات: 1245ھہ/1809ع)، ’ميان نظر محمد‘ (1252ھہ/ 1836ع- 1201ھہ/ 1786ع)، ’ميان نجم الدين‘ (1272ھہ/1855ع- 1239ھہ/ 1823ع)، ’ميان قبول محمد ثاني‘
(1343ھہ/ 1924ع - 1261ھہ/ 1845ع)، ’ميان صاحبڏنو ثاني‘ (1350ھہ/ 1931ع- 1307ھہ/ 1889ع)، ’ميان قبول محمد ثالث‘ (1232ھہ/ 1816ع- 1371ھہ/ 1951ع)، ’ميان عبدالحق ثاني‘ (1952ع) ۽ ’تـاجـپـوش‘، ’سخـي قبول محمد فاروقي‘ ۽ ’سچل سرمست‘ (1241ھہ/ 1826ع- 1152ھہ/ 1739ع) درگاھہ جو خليفو رهيو، جيڪو بہ وٽس مريد ٿيڻ لاءِ ايندو هو تہ پاڻ ان کي ميان عبدالحق يا سخي قبول محمد وٽ وٺي ويندو هو.
اوائلي وقت ۾ درازا هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن وقت هتي هڪ وسيع شھر ٻڌجي ويو آهي. هتي درازي بزرگن جي مزارن سميت سچل سرمست جو روضو واقع آهي، جتي هر سال عرس جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ محفل سماع سميت ادبي ڪانفرنس بہ ٿيندي آهي. مشھور راڳي سهراب فقير هن درگاھہ جي خاص راڳين مان ٿي گذريو آهي. تازو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، سچل سرمست جي درگاھہ جي مرمت ۽ تجديد ڪئي آهي ۽ سچل ڪامپليڪس تيار ڪرايو آهي، جتي هر سال ڪانفرنس ٿيندي آهي.

لفظ درازاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو