درازي، راضي سائين
درازي، راضي سائين: لاهور جي سنڌي صوفي شاعر، بزرگ راضي سائين درازيءَ جو اصل نالو محمد حسن ولد ڪريم بخش هو. سندس جنم 1915ع ڌاري خيرپور ڀرسان پير جي ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس والد به وقت جو عالم ۽ نيڪ ٻانهو هو. راضي سائينءَ کي پنهنجي والد گهوٽڪيءَ جي هڪ بزرگ ڪرم الله وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جتان قرآن شريف ترجمي ۽ تفسير سان حفظ ڪيائين. هن شروعاتي سنڌي تعليم به اتي ئي حاصل ڪئي. هن جي اتي هڪ خوبصورت سيد زادي جمن شاهه سان دوستي ۽ محبت رهي. اوچتو جمن شاهه وفات ڪري ويو ته راضي سائين سندس فراق ۾ صفا ديوانو ٿي پيو. سترهن ڏينهن تائين سندس قبر سان چنبڙي آهه زاري ڪندو رهيو، جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيو ته حقيقي عشق الاهيءَ جي طلب ۽ مرشد ڪامل حاصل ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيس. هو سنڌ ڇڏي ملتان ويو، جتان دهليءَ روانو ٿيو، جنهن بعد آگري ويو ۽ اُتان اجمير ۾ معين الدين چشتيءَ جي عرس ۾ شريڪ ٿي، اتي ڪيترن فقيرن، درويشن ۽ صوفين سان روح رهاڻيون ڪيائين. ڪجهه عرصو اُتي رهڻ بعد واپس سنڌ وريو. مست حال ۽ بيخوديءَ جي عالم ۾ هر شيءِ کان بيزار، تنهائيءَ ۾ خلق کان پري، ويران جڳهن ۽ جهنگن ۾ رهڻ لڳو. ان وقت سندس عمر ارڙهن سال مس هئي. آخر طريقت جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ مستي ۽ مجذوبيءَ واري حالت ۾ بغداد شريف لاءِ پنڌ پيو ۽ سخي محمد شفيع ناريوال جو طالب ٿيو. سرڪاري تپيدار هو، پر ملازمت جي پرواهه نه ڪيائين. تصوف جي رنگ ۾ رچي سچل سرمست جي درگاهه اچي وسايائين. جتي 14 سال فقير ٿي رهيو، بعد ۾ درگاهه جي جانشين سخي قبول محمد جي حڪم تي ضعيف ماءُ جي خدمت لاءِ پنجاب ويو. داتا درٻار ۾ حاضريءَ دوران سندس ملاقات هڪ بزرگ سان ٿي، جنهن کيس ’راضي سائين درازي‘ نالو ڏنو ۽ مرشد جي حڪم تي ڪجهه پنڌ تي پنهنجو آستانو اڏيائين، راضي سائينءَ کي ننڍپڻ کان شاعريءَ جو شوق هو. راڳ ۾ سماع کي پسند ڪندو هو. سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس عارفاڻو ڪلام ’ديوان عشق‘ جي نالي سان ۽ سندس عارفانه ڳالهين ۽ تقريرن تي مشتمل ٻه ڪتاب ’فرح الفقر‘ ۽ ’اسم ذات جسم فقير‘ عنوان سان سندس پوئلڳ فقير خيال الله سهيڙي شايع ڪرايا. هيءُ بزرگ 11 ڊسمبر 1975ع تي ڊگهي علالت بعد وفات ڪري ويو، کيس پنهنجي آستاني ۾ دفن ڪيو ويو. سندس درگاهه دارا الفقراء لاهور ڀرسان ملتان روڊ تي چوهنگ ۾ آهي. سندس عقيدتمند، فقير، ڄيٺ جي نائين ۽ ڏهين تاريخ تي مقبري تي ’ڄيٺ ميلو‘ ملهائيندا آهن.
1975.12.11 عيسوي
هيءُ بزرگ 11 ڊسمبر 1975ع تي ڊگهي علالت بعد وفات ڪري ويو، کيس پنهنجي آستاني ۾ دفن ڪيو ويو. سندس درگاهه دارا الفقراء لاهور ڀرسان ملتان روڊ تي چوهنگ ۾ آهي.