درازي سخي قبول محمد (چوٿون)

درازي سخي قبول محمد (چوٿون)

درازي سخي قبول محمد چوٿون

درازي سخي قبول محمد (چوٿون): درگاھہ سچل سرمست جو هاڻوڪو سجادہ نشين، سخي قبول محمد درازي (چوٿون) 19 جولاءِ 1962ع ۾، خواجہ عبدالحق (ٻئي) جي گهر ۾، درازا شريف ۾ ڄائو. هن پنھنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ سيڪنڊري تعليم خيرپور مان حاصل ڪئي. بعد ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ايم. اي (سياسيات: Political Science)، خيرپور لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ هن شهادت العالميه (MA Religion) جو امتحان بہ پاس ڪيو. تنهن کان سواءِ سخي قبول محمد، ايڊنبرو يونيورسٽي پينسلوانيا مان ’Contemporary Practices & Student Management‘ ۾ ڊپلوما، LFWA (ڪيمبرج يونيورسٽي، انگلنڊ) ۽ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ’Sufism & Literature‘ ۾ پي. ايڇ. ڊي آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر تنوير عباسي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ اياز قادريءَ کان رهنمائي حاصل ڪئي. هي ڪجهہ وقت لاءِ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم سچل چيئر جو ڊائريڪٽر بہ رهيو آهي. سخي قبول محمد (چوٿين) جو ٻيو ادبي ڪم هيٺينءَ ريت آهي: (1) Path to Perfection, (2) Priceless Pearls picked from the Wondrous Waters of Wisdom, (3) Sufism: Its Concept of Character, (4) A Voice from the Wilderness (T. L. Vaswani’s Writings), (5) Study of Mysticism: Darazi School of Sufi Thought (2002). هن ڪيترائي اوارڊ کنيا آهن، جن ۾ اسپورٽس سلور شيلڊ (سنڌ جي وڏي وزير پاران: 1987ع)، ڪلچرل اوارڊ (سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن)، اڪيڊمڪ ۽ ريسرچ اوارڊ (شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور)، گورنر سنڌ جو اوارڊ (1995ع)، بھترين محقق اوارڊ (1995ع)، مهراڻ نيشنل اوارڊ (1998ع)، امن جو پرچارڪ: گولڊ ميڊل (لٽرري ڪائونسل آف انڊيا: 2000ع). سخي قبول محمد 2 فبروري 1978ع کان موجودہ وقت تائين صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي درگاھہ جو سجادہ نشين آهي. هن سنڌ، هند، آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن ۾ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي آهي.هن 08 فيبروري 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.07.19  عيسوي

درگاهه سچل سرمست جو هاڻوڪو سجاده نشين، سخي قبول محمد درازي (چوٿون) 19 جولاءِ 1962ع ۾، خواجه عبدالحق (ٻئي) جي گهر ۾، درازا شريف ۾ ڄائو.


1978.02.02  عيسوي

سخي قبول محمد 2 فبروري 1978ع کان موجوده وقت تائين صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي درگاهه جو سجاده نشين آهي. هن سنڌ، هند، آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن ۾ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفري ضمير
سيد ميرڪ يوسف سبزواري
تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي قابل
جشن واسواڻي دادا
چنا زينت
مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو
چارو پرسو گدواڻي
شاھہ حسن مرزا ارغون
گل محمد گاد
جھانگير بادشاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون