درزي
درزي: ڪپڙي سبندڙ کي درزي چيو ويندو آهي. هيءُ لفظ فارسي لفظ دارزَن مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’سبڻ‘. هن ڪرت وارا ڪيترا ماڻهو پنهنجي ذات ’درزي‘ سڏائين ٿا ۽ پنهنجي نسبت حضرت ادريسعه سان ٻڌائين ٿا. ان نسبت سان ’ادريسي‘ سڏرائين ٿا. هو ان خيال جا آهن ته حضرت ادريسعه سندن استاد هو، جنهن کان هو درزڪو فن سکيا هئا. مرزاپور جي درزين جا وڏا اتر پرديش جي ضلعن: اعظم ڳڙهه، فيض اباد، سلطانپور ۽ مرزاپور کان سنڌ ۾ به اچي آباد ٿيا، جيڪي هن وقت اوڌي، اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندا آهن. سنڌ ۾ درزي الڳ ذات نه آهي، پر ڪپڙا سبندڙ درزي سڏجن ٿا. اهي ڪهڙي به ذات جا ٿي سگهن ٿا ۽ ڪهڙي به مذهب سان واسطو رکي سگهن ٿا، پر هندستان ۾ سندن الڳ ذات آهي، جن لاءِ ضروري ناهي ته اهي درزڪو ڪم ڪندا هجن.
Encyclopedia of Indian Tribes and Castes جي مصنف ايس. ايم. چنا لکيو آهي ته هندستان جي درزين ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج آهي.
درزڪو ڪم: جنهن زماني ۾ درزڪي ڪم لاءِ اڃا مشينون ايجاد نه ٿيون هيون، تڏهن درزي، سئيءَ سان ڪپڙا سبندا هئا.
اڄڪلهه درزڪي ڪم ۾ جيڪي اوزار استعمال ٿين ٿا، تن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
سُئي: سُئي، ڪاج، بٽڻ، ٽوپي، ڪوڪ ۽ ڪنڍڙي هڻڻ جي ڪم ايندي آهي.
مشين: مشين سان سلائي ڪئي ويندي آهي. اڳي هٿ واري مشين هوندي هئي. ان کان پيرن تي هلندڙ مشين ايجاد ٿي ۽ جديد دور ۾ بجلي ۽ موٽر تي هلندڙ مشين استعمال هيٺ اچي ٿي، جنهن سان سلائيءَ جو ڪم آسان ۽ جلد ٿيڻ لڳو آهي.
رنگين چاڪ: رنگين چاڪ، ڪپڙي جي ڪٽائيءَ وقت، نشان ڏيڻ جي ڪم ايندا آهن.
ليبل (اسٽيڪر): درزي پنهنجي دڪان جي مشهوريءَ لاءِ قميصن جي کيسن تي ليبل لڳائيندا آهن.
ڪاڄ مشين: پراڻي دؤر ۾ قميصن جا ڪاڄ سُئيءَ سان ڪڍبا هئا، پر اڄڪلهه ڪاڄ، مشين ذريعي خوبصورت ۽ صفائيءَ سان ڪڍيا وڃن ٿا.
اووَر لاڪ مشين: هن مشين ذريعي سبيل ڪپڙن جي اندرين پاسن کي ٽانڪو ڏئي مضبوط بنائبو آهي.
ڪينچي: ڪينچي ڪپڙي کي ڪٽڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. ڪينچي درزيءَ جو مکيه اوزار آهي.
ماپ جو وال: هن سان ڪپڙي جي ماپ ورتي ويندي آهي.
استري: ڪپڙي کي سبڻ وقت ڪالر، ڪن، ڳلي ۽ کيسي کي استري ڪري پوءِ سبيو ويندو آهي.
بڪرم: ڪالر ۽ ڪفن جي اندر بڪرم وڌو ويندو آهي.
ان کانسواءِ درزڪي ڪم ۾ بٽڻ، ٽُو پيس ڪالر، ڪپڙي جي ڪٽائيءَ جو اڏو، ڪپڙا سبڻ جو ڌاڳو، مشين جو تيل، پلاسٽڪ ٿيلهيون، پنچ مشين، مارڪر پين، بوڪ، بال پين، پيچ ڪش وغيره ڪم ايندا آهن.