دريا خان شنباڻي

دريا خان شنباڻي

دريا خان شنباڻي

دريا خان شنباڻي: محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس دريا خان ولد الاهي بخش شنباڻي 16 ڊسمبر 1976ع تي ڳوٺ خان شنباڻي'>دريا خان شنباڻي، تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. هن جا شاهه عبداللطيف بابت ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ڪچا رشتا’ (ڪھاڻيون: 2015ع)، ‘محبت جي زنجير-جيون رنگ هزار’ (ٻه ناوليٽ: 2019ع) ۽ ‘ڏاڍي ٿي’ (مزاحيه ڪالم:2020ع) شامل آهن. کيس ‘شھيد نسيم کرل اوارڊ’ (ڪھاڻين تي)، ‘سنڌ رنگ اوارڊ’ ۽ ‘موزل شاهه جيلاني’ اوارڊ مليا آهن.


لفظ دريا خان شنباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.12.16  عيسوي

محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس دريا خان ولد الاهي بخش شنباڻي 16 ڊسمبر 1976ع تي ڳوٺ دريا خان شنباڻي، تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال حجام سنڌي شيخ
شوڪت حيات خان سردار
مير بهرام خان ٽالپر
اسلم آزاد ڊاڪٽر
جڳديش لڇاڻي
داد فتو
حڪيم حبيب الله بکري
عالم چانڊيو
دهلوي شاهه غلام محمد
ثقلين مشتاق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون