درگاهه سيد جمن شاهه

درگاهه سيد جمن شاهه

درگاھہ سيد جمن شاھہ

درگاھہ سيد جمن شاھہ: هيءَ درگاھہ نصرپور شهر، تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ واقع آهي. هن درگاھہ جو شمار شھر جي تاريخي/پراڻي درگاھہ طور ٿئي ٿو. هتي مدفون بزرگ بابت ڪا مستند معلومات نہ ملي سگهي آهي. هر سال 21 محرم الحرام تي درگاھہ تي عرس ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن. هيءَ درگاھہ چورس آهي، درگاھہ جي بناوت روايتي ۽ سادي آهي. مکيہ ديوار تي ٻنهي طرف طاقچه ۽ وچ تي نوڪدار لنگهہ جو نمونو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڪاٺ جو عام دروازو لڳل آهي. مٿان گول ونگ سان ڪاٺ جي ڄاري ۽ پاسن کان چٽسالي ٿيل ٿي ڏسجي. مکيہ ديوار جو وچيون حصو ڪجهہ قدر مٿڀرو آهي، جنهن تي ڪنگرين جو جنسار ۽ مٿان سيمينٽ جي ڄاري لڳل آهي. ڄاري جي ٻنهي ڇيڙن تي 3 کان 4 فوٽ جا ننڍا مينار آهن. ساڳي نوعيت جو جنسار ڪجهہ هيٺانهين تي ديوار جي ٻنهي طرف بہ ٿيل ڏسجي ٿو. ڪانس مٿان ديوار جي ٻنهي ڪنڊن تي بہ هڪ هڪ مينار آهي. مقبري مٿان چئن مينارن کان سواءِ گنبذ نظر نہ ٿو اچي. مزار جي اندرئين حصي ۾ خوبصورت ٽائلز سان فرشبندي ڪيل آهي. سيد جمن شاھہ جي مزار ٿلهي تي آهي، جيڪا پڻ ٽائلن سان جڙيل آهي. درگاھہ سان لڳو لڳ ديوار کي احاطو ڏنل هو، جنهن کي ڊاهي نئين سر ڀت تعمير ڪئي وئي آهي.


لفظ درگاھہ سيد جمن شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو