در محمد سومرو

در محمد سومرو: سنڌ جو ناليوارو تعليمدان ۽ ليکڪ درمحمد ولد واحد بخش سومرو، 26 ڊسمبر 1910ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم نئين ديري ۾ حاصل ڪرڻ بعد هن مئٽرڪ 1933ع ۽ انٽر 1935ع ۾ بمبئيءَ جي مختلف درسگاهن مان ڪئي. بي. اي 1939ع ۾ علي ڳڙھہ يونيورسٽي مان، ايم. اي (جنرل هسٽري) 1942ع ۾ ۽ ايم. اي (مسلم هسٽري) 1947ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. در محمد سومري استاد هجڻ جي حوالي سان سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جي درسگاهن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. ان دؤران تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪافي جاکوڙ ڪيائين. هن مختلف اسڪولن ۾ استاد توڙي هيڊماستر طور پنهنجا فرض نهايت ئي احسن طريقي سان سرانجام ڏنا. هن سموري عمر تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذاري. سندس تعليم جي موضوع تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيل آهن، جيڪي ان وقت جي مشھور اخبارن توڙي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. 1966ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ٿيو، پر استادي پيشي سان آخر تائين سلهاڙيل رهيو. رٽائر ٿيڻ بعد مدرسة الغرباء پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول رتيديري ۾ هيڊماستر ۽ آرٽس ڪاليج رتيديري جو پرنسپال بہ رهيو. در محمد سومرو ڪيترن درسي ڪتابن جو ليکڪ بہ هو، جيڪي لوئر سيڪنڊري، هاير سيڪنڊري، بي. اي ۽ ايم. اي تائين پڙهايا ويندا هئا. هو هڪ تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ بھترين منتظم بہ هو. کيس بھترين استاد طور ان وقت جي بالا آفيسرن علامہ دائود پوٽي، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ۽ سيد عطا حسين شاھہ موسويءَ پاران تعريفي سندون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. هن 6 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي.


لفظ در محمد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.12.26  عيسوي

سنڌ جو ناليوارو تعليمدان ۽ ليکڪ درمحمد ولد واحد بخش سومرو، 26 ڊسمبر 1910ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ ۾ ڄائو.


1972.08.06  عيسوي

. هن 6 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعتبار علي جاگيراڻي
پوڪرداس ٿانور داس
جهولڻ شاھہ
ايشور ڀارتي
سيد حاجي شاھہ
ج ع منگهاڻي
شيخ عبدالعزيز قنڌاري
انمول بلوچ
جوڌا ٻائي
طالب سميجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون