دلاور علي فقير ’دلاور‘

دلاور علي فقير ’دلاور‘: دلاور علي فقير ’دلاور‘ جو شمار شاهه عنايت شـهيـد جـي سلسلي جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ’صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: فقير دلاور علي ابن رستم علي روهڙيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ 1844ع ڌاري ڄائو. سنڌيءَ جا ٻه درجا اڃا مس پڙهيو هو ته سندس وڏا لڏي تعلقي ميرواهه جي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي ويٺا، تنهنڪري سندس تعليم اڌ ۾ رهجي وئي. سندس دل ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏانهن مائل هئي. تجل ۾ صوفي سلام الله عرف ٿر ڌڻيءَ جي درگاهه تان منزل مليس، جتي ڪيئي راتيون گذاريائين. دلاور فقير ڳوٺ تجل تعلقي ناري ۾ 1894ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعري ته ٻين صنفن تي به ڪيل آهي، پر اها سڄي گم ٿي وئي. هن وقت سندس شاعريءَ مان فقط ڪجهه مولود ماڻهن جي زبانن تي رهيا آهن. نموني طور هڪ مولود جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا:
ساهه سيد کي منهن جو ساري، شال ڏاتر ڏيهه ڏيکاري!
وڄڙيون چمڪن بادل برسن، تاڙو خوب تنواري. . .،
گھر تڙ گھوريم ڏونگر ڏوريم، ڪارڻ ڪانڌ ڪوهياري. . . ،
آءُ عجيبا، تن جا طبيبا! مرض وڌي آهيان ماري. . .،
دلاور چئي ويندياس درنه مٽيندياس جاسين رب جياري. . .


لفظ دلاور علي فقير ’دلاور‘ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو