
دمينتي
دمينتي (Damayanti): دمينتي، هندومت جي پراڻن ۾ بيان ڪيل ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي ’نل دمينتيءَ‘ جو مرڪزي ڪردار آهي.
ڪهاڻيءَ جي بيان موجب، دمينتي، ڀيڏر جي راجا ڀيم جي سڪيلڌي ڌيءُ هئي، جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا پري پري تائين مشھور هئي. دمينتيءَ جي سونهن ۽ پوترتا جي هاڪ ٻُڌي نِشد رياست جو راجا نَل کيس دل ئي دل ۾ چاهڻ لڳو.
روايت آهي تہ هنج پکيءَ وسيلي دمينتيءَ کي ڄاڻ ملي تہ راجا نَل جي دل ۾ سندس لاءِ بيپناھہ محبت آهي تہ پاڻ بہ راجا نَل جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي.
دمينتيءَ جي پيءُ راجا ڀيم پنھنجي ڌيءَ دمينتيءَ جو وَر چونڊڻ لاءِ سويمبر ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙي اعلان کان پوءِ ڪيترا راجا، مهاراجا، شھزادا (ڪنورَ) قسمت آزمائڻ لاءِ ڀيڏر پهتا، جن ۾ نل بہ شامل هو. اتي موجود چئن ديوتائن: اگني، اندر، ورڻ ۽ ڀيم کي اڳ ئي ان ڳالھہ جي ڄاڻ پئجي وئي تہ دمينتي، نل سان محبت ڪري ٿي ۽ کيس ئي پنهنجو وَر چونڊيندي. ان خيال کان چئني ديوتائن سويمبر وقت جادوءَ سان نل جو روپ اختيار ڪيو. دمينتيءَ جڏهن هڪ نَل بجاءِ پنج نَل ڏٺا تہ حيران ۽ پريشان ٿي وئي، پر پوءِ محبت ۽ روحاني ڇِڪ جي ڪري اصل نَل کي سُڃاڻي کيس مالها پارايائين. ان سويمبر ۾ راجا ڪالديوَ ۽ دُئاپر کي نَل جي هن ڪاميابيءَ تي تمام گهڻو رنج پهتو ۽ هنن نَل کان پلاند وٺڻ جو ارادو ڪيو. دمينتي، نَل سان شاديءَ کان پوءِ نِشد ۾ خوشحال زندگي گذارڻ لڳي، جتي کين هڪ پٽ اندراسين ۽ هڪ ڌيءُ اندرا پيدا ٿي.
ٻئي طرف، راجا ڪالديوَ، نَل سان پلاند وٺڻ جون رٿون رٿڻ لڳو. هن نَل جي حواسن کي قابو ڪري، سندس سئوٽ پشڪر سان چوپڙ راند ۾ کيس شڪست ڏني، جنهن ۾ نَل پنهنجو تخت، تاج، دولت ۽ هر شيءِ هارائي ويٺو. دمينتي، اهڙين ڏکين حالتن ۾ بہ پنھنجي محبت ۽ وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي، جهنگن، برن ۾ رهڻ لڳي. نل جي عقل تي ڪالي ماتا جو غلبو هو، تنهنڪري هن ارادو ڪيو تہ هو دمينتيءَ کي ڇڏي ڏئي تہ جيئن پنھنجي پيءُ ماءُ جي گهر وڃي آرام جي زندگي بسر ڪري. پوءِ هڪ ڏينهن موقعو ڏسي هو دمينتيءَ کي ننڊ ۾ اڪيلو ڇڏي جهنگ ڏانهن هليو ويو.
دمينتي جڏهن ننڊ مان جاڳي تہ نل کي ويجهو نہ ڏسي ڊڄي وئي ۽ سندس ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ لڳي. جهنگ ۾ کيس هڪ شڪاري مليو، جيڪو سندس سونهن تي موهت ٿي پيو ۽ کيس هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر دمينتيءَ جي بددُعا سان غيبي باھہ ۾ وڪوڙجي ويو. اهڙيءَ ريت دمينتي، نَل جي ڳولا ڪندي وپرپور پهتي، جتان جي راڻيءَ، دمينتيءَ کي سٺي گهراڻي جي ڏسي کيس وار ڳنڌڻ واري ڪم تي مقرر ڪيو. سندس اصليت لِڪل رهي، پر ترت ئي هن پنھنجي سمجهداري، سليقي شعاري ۽ سگهڙائپ سان ماڻهن جي دل موهي وڌي ۽ هر طرف سندس واکاڻ ٿيڻ لڳي. اها واکاڻ ٻڌي ڪندن پور جي وزير کيس سڃاڻي ويو ۽ دمينتيءَ کي سندس مائٽن سان ملائڻ لاءِ ڪندن پور وٺي ويو.
هندو پراڻن ۾ دمينتيءَ جي مرڪزي ڪردار کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. هن ڪردار جي نسبت سان شادي شدہ زالن کي، پنهنجن مڙسن سان وفادار رهڻ، هر ڏک سک ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي.
نل دمينتيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو رشيد لاشاريءَ ڪيو آهي، جيڪو ڪتابي صورت ۾، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.