دنيا جا عالمي ڏينهن

دنيا جا عالمي ڏينهن: 1939ع کان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي شروعات ٿي ۽ 1945ع جي آخر ۾ آمريڪا، جپان سان وير پاڙيندي، ان جي ٻن خوبصورت شهرن: هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي، ترتيبوار 6 آگسٽ ۽ 9 آگسٽ تي ائٽم بم ڪيرائي، ٻنهي شهرن کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ۾ پنج لک ماڻهو موت جي ننڊ سمهاريا ويا هئا ۽ لکين ماڻهو معذور ٿي پيا. هن حادثي جي درد کي سمجهندي، دنيا جي مهذب قومن جي ڏاهن، دنيا ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ’گڏيل قومن جو ادارو‘ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تہ جيئن ايندڙ نسلن کي جنگ جي عذاب کان بچائي سگهـجـي. اهـڙيءَ ريـت 24 آڪـٽوبـر 1945ع تـي ’گـڏيـل قــومــن جـو ادارو‘
(اقوام متحدہ) وجود ۾ آيو. گڏيل قومن جي اداري جا مقصد هيٺيان هئا:
(1) بين الاقوامي امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ، (2) قومن جي وچ ۾ دوستاڻا ناتا جوڙڻ، (3) دنيا مان غربت، جھالت ۽ بيمارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي حقن ۽ آزاديءَ جو احترام ڪرڻ، (4) انهن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ قومن جي ورتل اپائن ۾ ميل ميلاپ قائم ڪرڻ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ.
اقوام متحدہ جي چارٽر ۾ وقت بہ وقت اضافو ڪندي، انسانن سان لاڳاپيل ۽ اُڀريل اهم مسئلن، جھڙوڪ: ماحوليات، حياتيات، منشيات، موسميات، سياحت، ثقافت، اقتصاديات، صحافت، غربت، صحت، تعليم، ٻولي، ماءُ، پيءُ، ٻارن، عورتن، استادن، مزدورن جي اهميت سان گڏ انسانن سان لاڳو خطرناڪ مرضن جي حوالي کان هر سال جنوريءَ کان ڊسمبر تائين 111 عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سامراج هٿان تباھہ ٿيل شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي، گورن جي غلاميءَ مان فلسطين ۽ آفريڪا جي ڇوٽڪاري جا ڏينهن ملهائڻ جا بہ فيصلا ڪيا ويا. اقوام متحدہ جي قيام کان اڄ تائين اهي خاص ڏينهن پوريءَ دنيا اندر جذبي سان ملهايا ويندا آهن. انهن عالمي ڏينهن جو تفصيل هن ريت آهي:
¨ 01 جنوري: خاندان جو عالمي ڏينهن؛
¨ 03 جنوري: مذهب جو عالمي ڏينهن؛
¨ 26 جنوري: جانورن جي بيماريءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 27 جنوري: عالمي تباهيءَ جي ياد ۾ ڏينهن؛
¨ 04 فيبروري: ڪينسر جي مرض ۽ ان کان آگاهيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 14 فيبروري: عاشقن جو عالمي ڏينهن (ويلنٽائينز ڊي)؛
¨ 21 فيبروري: مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن؛
¨ 22 فيبروري: اسڪائوٽنگ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 1 مارچ: بچاءُ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 8 مارچ: عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 10 مارچ: وڏن ڊيمن جي خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 21 مارچ: نسل پرستيءَ جي خاتمي جو عالمي ڏينهن؛
¨ 21 مارچ: شاعريءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 21 مارچ: ٻيلن جي بچاءُ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 21 مارچ: امن ۽ پيار جو عالمي ڏينهن؛
¨ 22 مارچ: پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 23 مارچ: ماحوليات ۽ سائنس جو عالمي ڏينهن؛
¨ 23 مارچ: شهرين جو عالمي ڏينهن؛
¨ 23 مارچ: موسميات جو عالمي ڏينهن؛
¨ 24 مارچ: ٽي بيءَ خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 25 مارچ: غلامن جي تڪليفن/ اذيتن کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن؛
¨ 7 اپريل: صحت جو عالمي ڏينهن؛
¨ 17 اپريل: هيموفيليا (رت جي بيماريءَ) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 18 اپريل: آثارِ قديمہ (تهذيبن) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 20 اپريل: وڻڪاريءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 22 اپريل: ڌرتيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 23 اپريل: ڪتابن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 1 مئي: مزدورن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 3 مئي: صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 3 مئي: ريڊ ڪراس جو عالمي ڏينهن؛
¨ 4 مئي: دم (سهڪي) خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 7 مئي: کلڻ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 12 مئي: نرسن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 13 مئي: ٿيليسيميا خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 15 مئي: خاندان (ڪٽنب) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 17 مئي: ٽيلي مواصلات (ٽيليفون) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 21 مئي: ثقافت جو عالمي ڏينهن؛
¨ 24 مئي: عام صحت (ڪامن ويلٿ) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 25 مئي: نو آباديات خلاف وڙهندڙ حريت پسندن سان يڪجهتيءَ جي اظهار جو عالمي هفتو؛
¨ 31 مئي: (تماڪ) سگريٽ نوشيءَ جي خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 4 جون: جارحيت (جنسي تشدد) جو نشانو بڻجندڙ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 5 جون: ماحوليات جو عالمي ڏينهن؛
¨ 12 جون: مزدور ٻارن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 14 جون: رت جي عطئي جو عالمي ڏينهن؛
¨ 17 جون: ڏڪار سان مقابلي جو عالمي ڏينهن؛
¨ 17 جون: ريگستان (صحرا) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 20 جون: پناهگيرن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 21 جون: موسيقيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 23 جون: عوامي خدمت جو عالمي ڏينهن؛
¨ جون جو ٽيون آچر: پيئرن جو عالمي ڏينهن؛
¨ جون جو پهريون ڇنڇر: ڪوآپريٽِو جو عالمي ڏينهن؛
¨ 26 جون: منشيات جي استعمال ۽ غير قانوني پکيڙ خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 26 جون: تشدد جو نشانو بڻجندڙ سان يڪجهتيءَ جي اظهار جو عالمي ڏينهن؛
¨ 5 جولاءِ: امداد باهميءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 5 جولاءِ: پوليو خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 8 جولاءِ: ليکڪن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 11 جولاءِ: آباديءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 31 جولاءِ: دوستيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 6 آگسٽ: هيروشيما تي ڪيرايل بم خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 9 آگسٽ: ناگاساڪيءَ تي ڪيرايل بم خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 9 آگسٽ: محتاجن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 9 آگسٽ: ڌرتيءَ ڌڻين جو عالمي ڏينهن؛
¨ 9 آگسٽ: (ڌرتي ڌڪاڻن) ننڌڻڪن/ لاوارثن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 9 آگسٽ: هنرمندن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 12 آگسٽ: نوجوانن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 23 آگسٽ: غلاميءَ خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 1 سيپٽمبر: غير جانبدار تحريڪ (يوم تاسيس) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 8 سيپٽمبر: خواندگيءَ (تعليم) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 16 سيپٽمبر: اوزون جي تھہ جي حفاظت جو عالمي ڏينهن؛
¨ 21 سيپٽمبر: امن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 27 سيپٽمبر: سياحت جو عالمي ڏينهن؛
¨ سيپٽمبر جو آخري ڇنڇر: سمنڊن جو عالمي ڏينهن؛
¨ ا آڪٽوبر: بزرگن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 3 آڪٽوبر: دل جي مريضن جو عالمي ڏينهن؛
¨ آڪٽوبر جو پهريون سومر: پناھہ گاهن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 4 آڪٽوبر: رهائش جو عالمي ڏينهن؛
¨ 5 آڪٽوبر: استادن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 9 آڪٽوبر: پوسٽ جو عالمي ڏينهن؛
¨ آڪٽوبر جي ٻي اربع: قدرتي آفتن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 10 آڪٽوبر: ذهني صحت (مينٽل هيلٿ) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 13 آڪٽوبر: جانورن جي ڀلائيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 14 آڪٽوبر: معيار (ڪوالٽي) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 16 آڪٽوبر: نابينن (سفيد ڇڙي) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 16 آڪٽوبر: خوراڪ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 16 آڪٽوبر: ٻھراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 17 آڪٽوبر: غربت جو عالمي ڏينهن؛
¨ 24 آڪٽوبر: گڏيل قومن جي اداري جو عالمي ڏينهن؛
¨ 24 آڪٽوبر: ترقيءَ جي ڄاڻ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 24 کان 30 آڪٽوبر تائين: هٿيارن جي خاتمي جو عالمي هفتو؛
¨ 9 نومبر: فاشزم خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 10 نومبر: سائنس جو عالمي ڏينهن؛
¨ 14 نومبر: شگر (ذيابطيس) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 15 نومبر: فلسفي جو عالمي ڏينهن؛
¨ 16 نومبر: رواداريءَ (تحمل ۽ برداشت) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 19 نومبر: ٻارڙن تي ٿيندڙ تشدد جي بچاءُ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 20 نومبر: ٻارڙن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 20 نومبر: آفريقا ۾ صنعتڪاريءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 21 نومبر: ملاحن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 25 نومبر: ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 25 نومبر: عورتن خلاف تشدد (امتيازي سلوڪ) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 29 نومبر: فلسطيني عوام سان يڪجھتي جو عالمي ڏينهن؛
¨ 1 ڊسمبر: ايڊز خلاف عالمي ڏينهن؛
¨ 2 ڊسمبر: غلاميءَ خاتمي جو عالمي ڏينهن؛
¨ 3 ڊسمبر: معذورن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 5 ڊسمبر: رضاڪارن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 5 ڊسمبر: اقتصادي، سماجي ترقيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 7 ڊسمبر: شھري هوا بازيءَ جو عالمي ڏينهن؛
¨ 7 ڊسمبر: سول ايوي ايشن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 9 ڊسمبر: اينٽي ڪرپشن (رشوت جي خاتمي) جو عالمي ڏينهن؛
¨ 10 ڊسمبر: انساني حقن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 11 ڊسمبر: پهاڙن جو عالمي ڏينهن؛
¨ 15 ڊسمبر: قيدين جي ڇوٽڪاري جو عالمي ڏينهن؛
¨ 18 ڊسمبر: بي گهر ماڻهن جو عالمي ڏينهن؛ ۽
¨ 29 ڊسمبر: حياتيات جو عالمي ڏينهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو