دوست محمد مرزا ’دوست‘
دوست محمد مرزا ’دوست‘: مرزا دوست محمد بيگ ’دوست‘ ٽنڊي آغا جي علمي ادبي مرزا گهراڻي جو نامور شاعر، اديب ۽ عالم فاضل هو. سندس وڏا مير محمد نصير خان ٽالپر جعفريءَ جي چوڻ تي خيرپور مان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ آباد ٿيا. سندس وڏن مان مرزا فتح علي بيگ، مرزا قاسم علي بيگ ۽ مرزا ٻُڍل بيگ، ٽالپر حڪمرانن جا وزير ۽ مصاحب هئا. ان کان سواءِ ٽالپرن جي منعقد ڪيل عزاداريءَ جي مجلسن ۾ مرثيه خواني پڻ ڪندا هئا.
مرزا دوست محمد ’دوست‘ هڪ بهترين شاعر ۽ مرثيه خوان هو. هن جي ولادت 1862ع ۾ ٽنڊي آغا ۾ ٿي. مرزا صاحب تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تپيدار ٿيو، پر جلد هزهائينس مير حاجي نور محمد خان ٽالپر جي زور ڀرڻ تي تپيداريءَ جي نوڪري ڇڏي وڃي سندس خاص مصاحب بڻيو. سندس شاعريءَ ۾ غزل، قصيدا، هجو، نعت، سلام، مرثيه، نوحا، لوليون ۽ رباعيون وغيره شامل آهن. هي پنهنجي دؤر جو بهترين واعظ ۽ خطيب هو. سنڌ جي نامور غزل گو شاعر مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگيءَ جو علمي ۽ ادبي دوست هجڻ سان گڏ ان جي طرحي مشاعرن جي خاص شاعرن مان پڻ هڪ هو. شاعريءَ ۽ خطابت جي تعليم پنهنجي بزرگ ميرزا فتح علي بيگ کان ورتائين ۽ ان جي انتقال کان پوءِ شاعريءَ ۾ غلام محمد شاهه گدا کي استاد ورتائين. ديني تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هو خاندان جو پهريون حافظ قرآن فرد هو. مولانا ابوالحسن لکنوي، مولانا ابوالقاسم حائري ۽ مولانا علي حائريءَ جي صحبتين مان به هو. اردو ۽ فارسي شاعريءَ ۾ مولانا ابوالحسن لکنويءَ کي استاد ورتائين. مرزا صاحب ٻه ڀيرا ڪربلا معليٰ جي زيارت کان مشرف ٿيو. هڪ ڀيرو مير حسن علي خان ٽالپر جي جنازي سان گڏ ۽ ٻيو ڀيرو مرزا ٻڍل بيگ جي جنازي سان گڏ ڪربلا معليٰ ويو. سندس ديوان هن وقت سندس پوٽي اختر مرزا وٽ محفوظ آهي. مرزا دوست محمد ’دوست‘ 24 سيپٽمبر 1920ع تي وفات ڪئي. سندس وفات تي سنڌ ۽ هند جي عالمن ۽ شاعرن قطعه تاريخون چيون، جن ۾ مير عبدالحسين خان سانگي، ميرزا امام علي بيگ، ميرزا قربان علي بيگ، ميرزا علي بخش بيگ ڪوثر، ميرزا مدد علي بيگ ۽ ڊاڪٽر قاضي علي احمد جون ناياب قطعه تاريخون موجود آهن.
1920.09.24 عيسوي
مرزا دوست محمد ’دوست‘ 24 سيپٽمبر 1920ع تي وفات ڪئي.